اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته وزارت بندرگاهن جي ڪارڪردگي ۽ ڪنٽينر مئنيجمينٽ کي بهتر بنائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. ميري ٽائم ??عب?? مالي سال 24-2023ع ۾ 430000 ميٽرڪ ٽن استعمال ٿيل ڪپڙي جي آمدني واپار ۾ سهولت فراهم ڪئي. هن اها ڳ??له?? پاڪستان ۾ گردشي ۽ استعمال ٿيل ٽ??ڪس??ائل ٽريڊ تي قومي پاليسي ڊائلاگ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. هن پائيدار ترقيءَ جي پاليسي انسٽيٽيوٽ (ايس ڊي پي آءِ)، گڏيل قومن جي ماحوليات پروگرام (يو اين اي پي)، يورپي يونين (اي يو) جي گردشي ۽ استعمال ٿيل ٽ??ڪس??ائل جي واپار ??اب?? پراجيڪٽ ۾ سهڪار ??اب?? خيالن جو اظهار ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي بندرگاهه جهاز راني جي بنيادي ڍانچي جي سهڪار سان مالي سال 24-2023ع ۾ 4 لک 30 هزار ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ استعمال ٿيل ڪپڙو پاڪستان پهتو. هن چيو ته مقامي معيشتن، روزگار جي تخليق ۽ ٽ??ڪس??ائل جي ري سائيڪلنگ جي ڪوششن ۾ مدد لاءِ ان آمدني واپار جي اثرائتي هيڊلنگ ضروري آهي. قيصر احمد شيخ وڌيڪ چيو ته تمام وڏي پائيداري جي ايجنڊا جي هڪ حصي طور تي سامونڊي وزارت جهاز راني دوران ڪاربن جي نيڪال کي گهٽ ڪرڻ لاءِ صاف ٻارڻ ۽ توانائي جي بچت تي ٻَڌل ٽيڪنالاجيز اختيار ڪرڻ سميت گرين شپنگ جو متبادل به تلاش ڪري رهي آهي. اهي قدم انٽرنيشنل ميري ٽائم آرگنائزيشن جي طئي ڪيل عالمي ماحولياتي معيارن مطابق آهن جيڪي پاڪستان جي سامونڊي ??عب?? جي موسمياتي تبديليءَ کي مُنهن ڏيڻ لاءِ عالمي ڪوششن کي يقيني بڻائين ٿا. هن وڌيڪ چيو ته وزارت جو انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ وارو عزم پاڪستان جي تمام وڏي پائيداري جي مقصدن سان هم آهنگ آهي جيڪا سرڪلر اڪانومي ۽ ذميدار ٽ??ڪس??ائل واپار ۾ ملڪ جي ڪردار کي تقويت ڏئي ٿي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ميري ٽائم افيئرز عالمي ڀائيوارن خاص طور تي يو اين اي پي ۽ اي يو سان گڏجي ڪم جاري رکندو پيو اچي ته جيئن اهڙيون پاليسيون تيار ڪيون وڃن جيڪي ٽ??ڪس??ائل جي عالمي واپار ۾ پاڪستان جي ڪردار کي وڌائي سگهن.