اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي 23هين حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ جناح ڪ??وينشن سينٽر آمد تي حڪومتي سربراهن ۽ نمائندن جو والهاڻو اس??قبال ڪيو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اس??اق ڊار به ساڻس گڏ هئا. ايس سي او جي سيڪريٽري جنرل جانگ منگ ۽ ايران جي صنعت واري وزير ??يد محمد اتابڪ سڀ کان پهرين جناح ڪ??وينشن سينٽر پهتا جتي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اس??اق ڊار سندن آجيان ڪئي. جنهن کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف چين جي وزيراعظم لي چيانگ، روس جي وزيراعظم ميخائل مشوستن، تاجڪستان جي وزيراعظم ڪوهر رسول زاده، بيلاروس جي وزيراعظم رومن گولو وچينڪو، ڪرغزستان جي ڪابينا جي وزيرن جي چيئرمين اڪيل بيڪ جاپاروف، منگوليا جي وزيراعظم اويون اردين لويسنا مسراي، ازبڪستان جي وزيراعظم عبدالله اريپوف، ترڪمانستان جي وزيرن جي ڪابينا جي نائب چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير ??اشد ميريدوف ۽ قازقستان جي وزيراعظم اولز هائوس بيڪو تينوو، ڀارتي پرڏيهي وزير ??ئه ??نڪر جي آجيان ڪئي. ان کانپوءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ اجلاس ۾ شريڪ ايس سي او اڳواڻن گروپ فوٽو ڪڍرايو. اس??قبال کانپوءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي 23 هين حڪومتي سربراهن جو اجلاس باضابطه طور تي شروع ٿيو.