دوحه – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني سان گڏ قطر ميوزيم ۾ منظر آرٽ گي??ري جو دورو ڪيو جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته قطر ميوزيم ۾ پاڪستاني فن پارن تي ٻڌل منظر آرٽ گي??ري جو قيام ٻنهي ملڪن ??ي وچ ۾ سماجي ۽ ڀائيچاري جي مضبوط لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير اعليٰ سطحي وفدن ۽ ٻطرفي ملاقات کانپوءِ هڪ ئي گاڏي ۾ ديوان امير کان قطر ميوزيم تائين جو سفر طئي ڪيو. قطر جي امير وزيراعظم محمد شهباز شريف کي پاڻ پاڪستاني فن پارن جي ن??ائ?? ”منظر“ جو دورو ڪرايو، ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن ??ي وچ ۾ غيرروايتي گرمجوشي ڏسڻ ۾ آئي، قطر جي امير ۽ سندس ڀيڻ ۽ قطر ميوزيم جي چيئرپرسن شيخه المياسه بنت حمد بن خليفه الثاني غيررسمي ۽ پنهنجائپ واري ماحول ۾ وزيراعظم کي ن??ائ?? ۾ موجود فن پارا ڏيکاريا ۽ ن??ائ?? جي منتظمين ۽ پاڪستاني فنڪارن سان تعارف ڪرايو. وزيراعظم قطر جي امير ۽ سندس ڀيڻ جو منظر آرٽ گي??ري جي انعقاد ۽ پاڪستاني فنڪارن جي پذيرائي تي سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ان ن??ائ?? جو انعقاد پوري پاڪستاني قوم جي لاءِ ف??ر جوڳو آهي، قطر ميوزيم ۾ پاڪستاني فن پارن تي ٻڌل منظر آرٽ گي??ري جو قيام قطر ۽ پاڪستان ??ي وچ ۾ سماجي ۽ ڀائيچاري جي مضبوط لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو. وزيراعظم دوري ۾ ناليواري پاڪستاني معمار نيئر علي دادا، پاڪستاني مصورن، فوٽوگرافر، خطاط ۽ ٻين فنڪارن سان ملاقات ڪئي. ن??ائ?? ۾ 1940ع کان وٺي هيستائين جي پاڪستاني مصوري، فوٽوگرافي، مجسما ۽ ٻيا فن پارا شامل آهن. ن??ائ?? ۾ شاڪر علي، صادقين، گل جي، زبيده آغا، ڪامل خان ممتاز، نيئر علي دادا ۽ ڪيترن ئي پاڪستاني فنڪارن جي فن پارن جي ن??ائ?? ڪئي وئي.