اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اقليتي ڪميشن جي ميمبر البرٽ ڊيوڊ چي?? آهي ته شنگهائي سهڪار تنظيم(ايس سي او) ڪانفرنس جي موقعي تي احتجاج جو سڏ ڏيڻ افسوسناڪ آهي، ان سان نه صرف ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ جو خطر?? آهي پر عالمي سطح تي به وطن عزيز کي شرمندگي جو منهن ڏسڻو پوندو. سومر ڏينهن هڪ بيان ۾ هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ رهندڙ مذهبي اقليتون ايس سي او ڪانفرنس جي ڪاميابي لاءِ دعاڳ?? آهن ته ان ڪانفرنس ذريعي ملڪ ۾ خوشحالي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي. اقليتي ڪميشن جي ميمبر چيو ته هن وقت وطن عزيز جن??ن نازڪ دور مان گذري رهي?? آهي ان ۾ سموري سياسي پارٽين کي گڏجي ملڪي ترقي لاءِ سوچڻ گهرجي. البرٽ ڊيوڊ چيو ته احتجاجي سياست سان قومي مفادن کي شديد نقصان ٿيندو ۽ وطن عزيز وڌيڪ نقصان برداشت نه ??و ڪري سگهي. هن چيو ته شنگهائي سهڪار تنظيم جي ڪانفرنس ملڪ ۾ معاشي ترقي آڻڻ لاءِ اهم سنگ ميل ??اب?? ٿي سگهي ٿي، ان لاءِ ملڪ جي وسيع مفادن کي نظر ۾ رکندي ايس سي او ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ نمائندن جي پاڪستان آمد جي موقعي تي سمورين سياسي پارٽين وچ ۾ ملي يڪجهتي ۽ هم آهنگي جو نظر اچڻ ضروري آهي.