اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) سريلنڪا ۾ مختلف ڏوهن ۾ ڪيترن ئي سالن کان قيد 5 عورتن سميت 56 پاڪستاني خاص اُڏام ذريعي پاڪستان پهچي ويا. اسلام آباد ايئرپورٽ تي پنهنجن وا??دين ۽ پيارن سان ملڻ وقت جذباتي منظر ڏسڻ ۾ آيا. سريلنڪا مان آيل پاڪستانين گهرو وزير محسن نقوي ۽ وفاقي وزي?? عبدالعليم خان جا ٿورا مڃيا جن سبب اسان جي وطن وا??سي ٿي آهي. سريلنڪا ۾ ڪيترن ئي سالن کان قيد 56 پاڪستاني ڪالهه خيريت سان وطن وا??س پهچي ويا. سالن کانپوءِ وطن وا??س آيل قيدين جي اکين ۾ خوشيءَ جا ڳوڙها هئا ۽ پاڪستان پهچڻ تي محسن نقوي ۽ عبدالعليم خان کي دُعائون ڏنيون. وطن پهچڻ تي بزرگ عورت وفاقي وزيرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته پٽڙؤ! اوهان جا ٿورا اسان پاڪستان وا??س آياسين. وطن آيل هڪ پاڪستاني جو چوڻ هو ته محسن نقوي ۽ عبدالعليم خان جي ڪوششن عيوض ا?? وطن پهتا آهيون. وطن وا??سيءَ تي پاڪستانين جو چوڻ هو ته جن حالتن ۾ قيد هئاسين، شڪر آهي اسان وطن وا??س پهتاسين. گهرو وزير محسن نقوي ۽ عبدالعليم خان جي گڏيل ڪوششن عيوض 5 عورتن ۽ 51 مرد قيدين کي سريلنڪا مان چارٽرڊ جهاز ذريعي وطن وا??س آندو ويو. ان سلسلي ۾ گهرو وزير پاڪستاني قيدين کي وطن وا??سي يقيني بنائڻ لاءِ دلچسپي ورتي ۽ سريلنڪن هاءِ ڪمشنر آڏو ان معاملي کي اُٿاريو. عبدالعليم خان سريلنڪا مان پاڪستاني قيدين جي وطن وا??سيءَ تي سمورا خرچ برداشت ڪيا. گهرو وزير چيو ته قيدين جي وطن وا??سي لاءِ تعاون تي سريلنڪن حڪومت ۽ هاءِ ڪمشنر ج?? ڪردار کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته قيدين جي وا??سيءَ تي خرچ برداشت ڪرڻ تي عبدالعليم خان جو به شڪريو ادا ڪيو.