اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ??لا??يشيا واپار، سيڙپڪاري، دفاع، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته غزه ۽ ڪشمير سميت علائقائي معاملن تي پنهنجي پختي موقف جو ورجاءُ ڪيو آهي. ان ڳالهه جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ??لا??يشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم جي وچ ۾ وزيراعظم هائوس ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات ۽ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو ويو. ٻنهي وزيراعظمن ميڊيا کي ٻڌايو ته انهن جي ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفي مفاد جي ڪيترن ئي شعبن سان گڏوگڏ فلسطين ۽ ڪشمير سميت علائقائي ۽ عالمي معاملن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي واپار کي فروغ ڏيڻ جي ڪوششن جي سلسلي ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڪستان ??لا??يشيا کي ساليانو 200 ملين ڊالر ماليت جو حلال گوشت ۽ 100000 ميٽرڪ ٽن باسمتي چانور برآمد ڪندو. ??لا??يشيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڪل واپار 1.4 بلين آمريڪي ڊالر رهيو جنهن ۾ پام آئل، ملبوسات، ٽيڪسٽائيل، ڪيميڪل ۽ ڪيميڪل تي ٻڌل مصنوعات ۽ اليڪٽرڪ ۽ اليڪٽ??ان?? مصنوعات شامل آهن. واضح رهي ته ڏکڻ ايشيائي ملڪن ۾ پاڪستان ??لا??يشيا جو ٽيون سڀ کان وڏو واپاري حصيدار آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي باسمتي چانور جي برآمد تي خيالن جي ڏي وٺ کانسواءِ ٻنهي ڌرين پاڪستان سان ??لا??يشيا کي ساليانو 200 ملين ڊالر ماليت جو حلال گوشت برآمد ڪرڻ جي امڪانن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ يقين ڏي??ري?? ته پاڪستان معيار تي ڪو به ٺاهه نه ڪندو. هن چيو ته ??لا??يشيا جي وزيراعظم پاڪستان جي چانور جي درآمد ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي پڻ خاطري ڪرائي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي کانسواءِ دفاع، سياحت، زراعت، گرين انرجي، هنرمند افرادي قوت ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي شعبن ۾ وڌيڪ تعاون جون راهون ڳولڻ جي لاءِ شاندار اجلاس ٿيو. هن چيو ته ڌريون ان ڳالهه تي متفق آهن ته ٻئي ملڪ گڏيل طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون جي نئين بلندين جي جستجو ڪندا ته جيئن ٻنهي ملڪن جي روشن مستقبل کي يقيني بڻائي سگهجي. هن پاڪستان ۽ ??لا??يشيا جي وچ ۾ دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي تعاون جي خاطري ڪرائيندي چيو ته هن وقت ??لا??يشيا ۾ تعليم حاصل ڪندڙ هز??ري?? پاڪستاني شاگرد عوامي سطح تي رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ڪندا. هن چيو ته ??لا??يشيا جي ترقي کي انهن سمورن مسلمان ملڪن جي لاءِ رول ماڊل جي ط??ر تي پيش ڪرڻ گهرجي جتي سڌوسنئون غيرملڪي سيڙپڪاري ۽ برآمدات ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ٻنهي ڌرين غزه جي دل ڏکوئيندڙ صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جتي معصوم ٻار، مرد ۽ عورتون مارجي رهيا آهن. هن چيو ته اسرائيلي فوج پاران غيرمعمولي نسل ڪشيءَ ۽ قتل عام تحت غزه ۾ شهرن کي مٽايو پيو وڃي جڏهن ته ٻنهي مُلڪن فوري جنگبندي تي زور ڏنو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ٻنهي ڌرين ڪشمير مسئلي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جتي گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان وڏيون قربانيون ڏيڻ جي باوجود ماڻهن کي انهن جي خودمختياري جي حق کان محروم رکيو پيو وڃي، هز??ري?? ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو آهي، ڪيترائي ٿرڊ ڪلاس جيلن ۾ نظر بند آهن ۽ انهن کي سخت سزا ڏني پئي وڃي. هن اميد ظاهر ڪئي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن جي روشني ۾ ڪشميرين کي جلد انهن جي خودمختياري جو حق ملي ويندو. وزيراعظم انور ابراهيم چيو ته ٻنهي ڌرين ڪيترن ئي معاملن تي اتفاق ڪيو آهي ۽ فيصلن تي تيزي سان عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هن مهيني ڪوالالمپور ۾ ٿيندڙ گڏيل ڪميشن جي اجلاس ۾ ان تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. هن يقين ڏي??ري?? ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ جلد ئي ڪراچي ۾ ??لا??يشين ٽريڊ آفيس کولي ويندي. هن چيو ته ??لا??يشيا آءِ ٽي، مصنوعات ذهانت ۽ سيمي ڪنڊڪٽر سميت مختلف شعبن ۾ وڌيڪ هنرمند افرادي قوت جي ڳولا ۾ آهي ۽ پاڪستان به اهڙي طرح جي هنرمند افرادي قوت جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو. ??لا??يشيا جي وزيراعظم چيو ته ??لا??يشيا پاڪستان مان هڪ لک ٽن باسمتي چانور برآمد ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي. انور ابراهيم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خطاب کي ساراهيو جنهن ۾ هن غزه جو ڪيس موثر انداز ۾ وڙهيو آهي. هن اسرائيل پاران فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ۽ اسرائيل پاران وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافي جي خلاف پاڪستان جي سخت موقف کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته غزه ۽ لبنان ۾ جاري جارحيت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جنگ نه آهي پر اها عالمي نظام جي خلاف ورزي آهي. هن عالمي برادري جي غيرفعاليت تي پڻ سوال اٿ??ري??. وزيراعظم انور ابراهيم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته ??لا??يشيا ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي ڪاربند آهي ۽ تڪرار جي دوستاڻي حل تي يقين رکي ٿو.