اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري قوم جي ذهني صحت کي بهتر بڻائڻ ۽ ذهني صحت جي سهولتن کي وڌائڻ جي ل??ءِ ڀرپور عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان گڏجي پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي ڪوششن جي ذريعي هڪ ص??تم??د قوم جي تعمير ڪري سگهون ٿا. اها ڳالهه هن ذهني صحت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي. صدر چيو ته اڄ اسان ذهني صحت بابت بيداري ۽ ضرورتمندن کي مشاورت ۽ مدد فراهم ڪرڻ جي ضرورت ل??ءِ دماغي صحت جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، هن سال جو موضوع ”ڪم تي ذهني صحت“ ڪم جي ص??تم??د ما??ول پيدا ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو جيڪو ذهني صحت جي حفاظت ۽ مدد ڪري ٿو. هن چيو ته صحت جي عالمي اداري موجب دنيا جي اٽڪل 60 سيڪڙو آبادي افرادي قوت ۾ شامل آهي، ان ل??ءِ ڪم جي جڳهه تي ذهني صحت تي ڌيان ڏيڻ اڳ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ضروري ٿي ويو آهي. صدر چيو ته ڪم جي جڳهه هراسمينٽ ڪرڻ ۽ ڪم جون خراب حالتون نه رڳو پورهيتن جي ذهني صحت کي ??تا??ر ڪن ٿيون پر پيداواري صلاحيت ۾ پڻ گهٽتائي جو سبب بڻجن ٿيون. تنهن ڪري اهو ضروري آهي ته آجر ۽ ٻيون ڌريون ذهني صحت کي بهتر بڻائڻ ۽ پيداواري صلاحيت کي وڌائڻ جي ل??ءِ هڪ ص??تم??د ۽ سازگار ڪم جو ما??ول ٺاهين. هن چيو ته پاڪستان ذهني صحت کي بهتر بڻائڻ جي ل??ءِ پرعزم آهي ۽ هِن نيشنل مينٽل هيلٿ هيلپ لائين (1166) جي شروعات ڪئي آهي جيڪو پهچ جوڳي مدد فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ اسان جي عزم کي واضح ڪري ٿو. صدر چيو ت?? اها هيلپ لائين ماڻهن کي ضروري خدمتن بشمول مقامي علاج جي سهولتن ۽ سپورٽ نيٽ ورڪ سان ڳنڍي ٿي. وڌيڪ اهو ته پاڪستان کي اهڙو پهريون ملڪ هجڻ تي فخر آهي جنهن بنيادي صحت جي سارسنڀال ۽ ڪميونٽي ٻنهي سطحن تي ذهني صحت سميت ضروري صحت جي خدمتن جي ل??ءِ پئڪيج تيار ڪيو آهي. هن چيو ته ٻين اهم قدمن ۾ ذهني صحت جي ل??ءِ هڪ قومي ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ شامل آهي جيڪو نگراني فراهم ڪري ٿو، ذهني تندرستي کي فروغ ڏيڻ ۽ ذهني مرضن کان ??تا??ر ماڻهن جي بهتر سارسنڀال ۽ انساني حقن جي وڪالت ڪري ٿو. صدر آصف علي زرداري چيو ته اسان مسئلي جو جلد پتو لڳائڻ جي ل??ءِ ذهني صحت جي تعليم کي پڻ ليڊي هيلٿ ورڪرز جي تربيتي نصاب ۾ شامل ڪيو آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي قوم جي ذهني صحت کي بهتر بڻائڻ ۽ ذهني صحت جي سهولتن کي وڌائڻ جي ل??ءِ پرعزم آهيون. صدر پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته ان ڏينهن هر هڪ کي ص??تم??د طرز زندگي اختيار ڪرڻ، پنهنجي پيارن سان ڳنڍي رکڻ ۽ ڇڪتاڻ تي ضابطو آڻڻ جي ل??ءِ باقاعده جسماني سرگرمي ۾ مشغول رهڻ جي ترغيب ڏي ٿو. هن چيو ته اسان گڏجي پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي ڪوششن جي ذريعي هڪ ص??تم??د قوم جي تعمير ڪري سگهون ٿا.