نيويارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف پوليو جي خاتمي، ماءُ ۽ ٻار جي صحت، غذائيت، حفاظتي ٽُڪن، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ مالي شموليت جي لاءِ گيٽس فائونڊيشن جي پا??ستان سان تعاون کي ساراهيندي ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پا??ستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وز??را??ظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جي باني ۽ شريڪ چيئرمين بل گيٽس ملاقات ڪئ??. ه??ندڙ سال جون ۾ بل گيٽس جي پا??ستان جي دوري جو ذڪر ڪندي وز??را??ظم ڊسمبر 2024ع ۾ سيٽل مين گيٽس فائونڊيشن جي دوري جي دعوت تي سندس ٿورا مڃيا. وز??را??ظم پوليو جي خاتمي، ماءُ ۽ ٻار جي صحت، غذائيت، حفاظتي ٽيڪن، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ مالي شموليت جي لاءِ گيٽس فائونديشن جي پا??ستان سان تعاون کي پڻ ساراهيو. وز??را??ظم ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پا??ستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وز??را??ظم ان ڪوشش ۾ پراڻي تعاون تي بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جا ٿورا مڃيا ۽ پا??ستان ۾ صحت جي نظام جي مضبوطي ۽ ماءُ ۽ ٻار جي غذائيت جي لاءِ مسلسل ڪوششن ۽ تعاون جي ضرو??ت تي زور ڏنو. پا??ستان جي پوليو جي خاتمي جي لاءِ ڪوششن جو اعتراف ڪندي بل گيٽس زور ڏنو ته پوليو جو خاتمو ايندڙ نسلن کي ان موذي بيماري کان بچائڻ جي لاءِ تمام ضروري آه??. ه?? سڄي ملڪ ۾ پوليو ويڪسين پروگرام ۾ وز??را??ظم جي ذاتي نگراني ۽ صوبائي حڪومتن جي قدمن کي ساراهيو. بل گيٽس افغانستان سان صحت جي جامع ڊائيلاگ تي روشني وڌي ۽ انهن قدمن جي لاءِ تعاون جي درخواست ڪئ??. ه?? انهن جاين تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ تي پنهنجي رضامندي جو پڻ اظهار ڪيو جتي ٻارن کي پوليو ويڪسين اڃا تائين ميسر نه ٿي يا پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار جو انگ وڌيڪ آهي، خاص طور تي جتي ٻارن کي بيماري لڳڻ جي شرح وڌيڪ آهي. گيٽس وز??را??ظم کي شاهه سلمان انساني امداد ۽ ريليف سينٽر جي پوليو ۽ ٻي صحت بابت امداد جي قدمن بابت آگاهه ڪيو. هن وز??را??ظم سان بي ايم جي ايف جي غذائيت تي ڪم خاص طور تي حاملا عورتن جي لاءِ مائيڪرو نيوٽرينٽس بابت پڻ ٻڌايو ۽ چيو ته يونيسيف جي تعاون سان انهن کي اضافي وٽامن فراهم ڪري ان کي ڪيئن وڌائي سگهجي ٿو. وز??را??ظم گيٽس فائونڊيشن جي غزه ۾ پوليو مهم کي ساراهيو. هن فوري جنگبندي ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب تڪرارن جي حل تي زور ڏنو. هن پا??ستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ هڪ اعتماد جوڳي اتحادي هجڻ تي بي ايم جي ايف کي ساراهيو ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي، ايس ٽي اي ايم، تعليم، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جهڙن شعبن ۾ تعاون کي وسيع ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي.