نيويارڪ – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي چيف ايڊوائيز?? ڊاڪٽر محمد يونس ٻنهي ملڪن جي عوام جي ترقي جي لاءِ ٻطرفي، علائقائي ۽ گهڻ رخي سطحن تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪ??و آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ون?? پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جي موقعي تي بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي چيف ايڊوائيزر پروفيس?? ڊاڪٽر محمد يونس سان ملاقات ٿي. ملاقات ۾ وزيراعظم بنگلاديش ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ثقافت تي ٻڌل مضبوط ڀائراڻن ل??ڳاپن تي روشني وڌي. وزيراعظم ٻطرفن ل??ڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ موجود خيرسگالي مان فائدو کڻندي وزيراعظم پارلياماني مٽاسٽا، گڏيل عوامي رابطن، رانديگرن، تعليمي ماهرن، فنڪارن ۽ شاگردن جي مٽاسٽا جي ذريعي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊاڪٽر محمد يونس کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني، جنهن سان علائقائي تعاون ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۾ مثبت اڳڀرائي ٿ?? سگهندي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي ترقي جي لاءِ ٻطرفي، علائقائي ۽ گهڻ رخي سطحن تي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.