اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي گڏيل ق??من جي جنرل اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ?? شرڪت متوقع آهي، پاڪستان هر سال وانگر هن سال به ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن سميت ٻين معاملن کي اجاگر ڪندو. پريس بريفنگ ۾ هن بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر محمد يونس جي بيان تي ردعمل ۾ چيو ته پاڪستان سدائين بنگلاديش سان مضبوط ۽ ڊگهي مدي وارن لاڳاپن جو خواهشمند رهيو آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ زبردست خيرسگالي موجود آهي ۽ توسيع ٿيل تعاون خطي ۾ علائقائي امن ۽ د??ستي ۾ وڌيڪ مددگار ثابت ٿيندو. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ چين ڊگهي مدي واري تعاون سان گڏ هڪ جهڙي موسم رکندڙ پارٽنرز آهن. پاڪستان چين سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ڀارتي پرڏيهي معاملن واري وزير جي ڄمون ۽ ڪشمير بابت تازي بيان بابت هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاڪستان جي ان موقف جو ورجاءُ ڪيو ته هو ڪنهن به اهڙي بيان کي واضح طور تي رد ڪن ٿا جنهن ۾ اهو تجويز ڪيو ويو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار هڪطرفي طور طئي ٿيو آهي يا ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار هڪ عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي جنهن کي گڏيل ق??من جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل ڪرڻ گهرجي.