اسلام آباد – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معاشي استحڪام، اوڳاڙين جي وصولي ۾ بدعنواني جي روڪٿام، ا??مگ??نگ جي خاتمي، موثر روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ خرچن ۾ گهٽتائي جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته مهانگائي جو بار آهستي آهستي ??هٽ ٿي ??هيو آهي، مهانگائي جي شرح آگسٽ ۾ 9.6 سيڪڙو کان هيٺ اچي وئي آهي، رائيٽ سائيزنگ ۽ ڊائون سائيزنگ سان گڏوگڏ گردشي قرضن ۾ پڻ گهٽتائي آڻڻي پوندي، آءِ ايم ايف سان هي اسان جو آخري پر??گرام هجڻ گهرجي، ملڪ پنهنجي پيرن تي بيهي ضرور ترقي ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته مهانگائي جو بار آهستي آهستي ??هٽ ٿي ??هيو آهي. آگسٽ ۾ ناڻي واڌ جي شرح 9.6 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. گذريل سال انهي مهيني ان جي شرح 27 سيڪڙو هئي. اها انتهائي خوش آئنده ڳالهه آهي. ان تي ناڻي واري وفاقي وزير ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، سمورين لاڳاپيل وزارتن جي آفيسرن جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي. اها تمام سٺي ڪاميابي آهي، سفر ڊگهو آهي پر اسان کي تيزي س??ن اڳتي وڌڻو آهي. معيشت کي ترقي ڏيڻي آهي ۽ ان ۾ استحڪام آڻڻو آهي. روزگار جا موقعا وڌائڻا آهن. خرچن ۾ تيزي سان گهٽتائي ڪرڻي آهي، ان جي لاءِ رائيٽ سائيزنگ ۽ ڊائون سائيزنگ کي يقيني بڻائڻو آهي. بجلي ۽ گئس جي گردشي قرضن کي پڻ گهٽ ڪرڻو آهي. وزيراعظم چيو ته ٽيڪس چوري ۽ بدعنواني کي روڪڻو آهي. روزگار جا موثر موقعا فراهم ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي. ان کانسواءِ ا??مگ??نگ جو پڻ خاتمو ڪرڻو آهي. انهن سمورن معاملن تي ??ينهن رات ڪم ٿي ??هيو آهي. سفر مشڪل ضرور آهي پر ناممڪن نه آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي هدفن تي ??يان ڏنوسين ته پنهنجي منزل تي ضرور پهچنداسين. جيڪڏهن زباني ڳالهين ۽ ڪاغذي ڪارروائي کان وڌيڪ عملدرآمد تي ??يان ڏنوسين ته اسان پنهنجا مقصد حاصل ڪري سگهون ٿا. معيشت جي بهتري جي لاءِ سمورن رخن ۾ سنجيدگي س??ن اڳتي وڌي رهيا آهيون. ڏينهن رات محنت ڪندڙ قومن پنهنجون حالتون بهتر ڪيون، پاڪستان کي الله تعاليٰ معدنيات، قدرتي وسيلن سان مالامال ڪيو آهي. پاڪستاني قوم خا طور تي نوجو??ن انتهائي باصلاحيت آهن. آءِ ايم ايف جي پر??گرام جي گهُرجن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. آءِ ايم ايف بورڊ ۾ اسان جو ڪيس ويندو ته نئون سفر شروع ٿيندو پر اهو ملڪي تاريخ جو آءِ ايم ايف جو آخري پر??گرام هجڻ گهرجي. ملڪ پنهنجي پيرن تي بيهندو ۽ ترقي ڪندو.