اسلام آباد – 30 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عوامي جمهوريه بنگلاديش جي حڪومت جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر محم?? يونس سان ٽيليفون تي بنگلاديش ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي تي بنگلاديش جي حڪومت ۽ عوام سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو آه??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ عوامي جمهوريه بنگلاديش جي حڪومت جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر محم?? يونس ٽيليفون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پروفيسر محم?? يونس کي چيف ايڊوائيزر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ بنگلاديش جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ سندس ڪردار کي ساراهيو. هن بنگلاديش ۾ تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي تي بنگلاديش جي حڪومت ۽ عوام سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ذريعي ٻطرف?? لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رشتن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن کي فر??غ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ??ڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آه??. هن وڌيڪ اتفاق ڪيو ته وسيع تر علائقائي تعاون ڏکڻ ايشيا جي ماڻهن جي زندگين کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. پروفيسر محم?? يونس ٽيليفون ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.