اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بجلي چ??ري جي روڪٿام، لائين لاسز ۾ گهٽتائي ۽ پهچ نظام ۾ بهتري حڪومتي سڌاراجاتي ايجنڊا جون ترجيحون آهن، بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ سڌارن کانپوءِ انهن جي آئوٽ سورسنگ ۽ نجڪاري ڪئي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) جي نئين مقرر ٿيندڙ چيئرمين ۽ بورڊ ميمبرن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ لاهور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني، اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني، ??يصل آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني، ??لتان اليڪٽرڪ پاور ڪمپني ۽ هزاره اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني جا نوان مقرر ٿيندڙ چيئرمين ۽ ميمبر پڻ موجود هئا. وزيراعظم ڊسڪوز بورڊز جي نئين مقرر ٿيندڙ چيئرمين ۽ ميمبرن کي مبارڪبا?? ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم انهن مقررين جي عمل کي انتهائي شفاف انداز ۾ مڪمل ڪرڻ تي پاور واري وف??قي وزير ۽ سندس ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته توهان کي قومي خدمت جو موقعو مليو آهي، ??ون کي پورو يقين آهي ته توهان پنهنجي ذميواري پ??ري خوش اسلوبي سان نڀائيندا. هن چيو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ سٺن ماڻهن جي مقرري ٿي جن کي پنهنجي شعبي تي عبور حاصل آهي، ??يون مقرريون توانائي جي شعبي جي سڌارن طرف پهريون قدم آهي، بجلي چ??ري جي روڪٿام، لائين لاسز ۾ گهٽتائي ۽ ٽرانسميشن نظام ۾ بهتري حڪومتي سڌاراجاتي ايجنڊا جون ترجيحون آهن. وزيراعظم چيو ته ڊسڪوز ۾ گورننس جي کوٽ آهي جنهن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي ڊيجيٽائيزيشن ترجيح هجڻ گهرجي. هن چيو ته بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ سڌارن کانپوءِ انهن جي آئوٽ سورسنگ ۽ نجڪاري ڪئي ويندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيون پنهنجون ڪسٽمر سروسز بهتر بڻائين. هن چيو ته سٺي ڪارڪردگي وارن آفيسرن جي پذيرائي ڪئي ويندي ۽ خراب ڪارڪردگي وارن آفيسرن ??ان پڇاڻو ڪيو ويندو. ان موقعي تي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ايس او اي ايڪٽ تحت بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کي پاليسي سازي ۾ خودمختياري حاصل آهي. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو وف??قي وزير احد خان چيما، نجڪاري وارو وف??قي وزير عبدالعليم خان، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وف??قي وزير محمد اورنگزيب، پاور وارو وف??قي وزير اويس احمد خان لغاري، ??زيراعظم جو پاور وارو خاص معاون محمد علي، ??زيراعظم جو ڪوآردينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.