اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ترڪمانستان سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ترڪمانستان کي گوادر بندرگاهه سان علائقا??ي واپار جي فروغ جي لاءِ فائدو کڻڻ گهرجي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري ترڪمانستان جي ڪابينا جي ڊپٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير راشد ميريدوف سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ترڪمانستان سان لا??اپ?? مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان جا لا??اپ?? خطي ۾ امن ۽ ??وش??الي جي گڏيل ويزن تي ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي دورن جي مٽاسٽا ٻطرفو تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي گڏيل خواهش جو مظهر آهي. هن پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ واپاري، اقتصادي، سيڙپڪاري ۽ ثقافتي لا??اپ?? وڌندا. صدر چيو ته ترڪمانستان جا شاگرد پاڪستان جي طبي ادارن مان تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا. ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ خوشگوار ??ا??اپ?? آهن، ترڪمانستان پاڪستان سان اقتصادي، ثقافتي ۽ تعليمي تعاون جو فروغ جاري رکندو. پرڏيهي وزير ٻنهي ڀائر ملڪن کي ڳنڍڻ جي لاءِ موٽرويز ۽ ريلوي جي تعمير تي زور ڏنو.