اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه سان قطر سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جي صدر ڊاڪٽر جيڪ لاو جمعي ڏينهن سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ اسٽارٽ اپ ايڪو سسٽم ۽ انوويشن جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ آءِ ٽي واري مملڪتي وزير کي قطر سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. قطر سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جي صدر ڊاڪٽر جيڪ لاو چيو ??ه پاڪ??تا??ي ڪمپنيون قطر ۾ پنهن??ون آفيسون قائم ڪن، پاڪ??تا??ي ڪمپنين جي قطر ۾ موجودگي وچ اوڀر جي مارڪيٽ تائين بهتر رسائي ۾ مددگار ٿيندي. چاهيون ٿا ته پاڪ??تا??ي انٽر پرينيورز قطر ۾ اچي فائونڊيشنل ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪن. آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه چيو ??ه موجوده حڪومت انٽر پرينيورشپ ۽ انوويشن کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم شهباز شريف جو ڌيان نوجوانن جي جديد ٽيڪنالاجي ۾ ٽريننگ ۽ انهن جي صلاحيت و??ائڻ تي آهي. اسان جا نوجوان وڌيڪ صلاحيتن وارا آهن، پاڪ??تا?? ۽ قطر وچ ۾ اسٽارٽ اپس ايڪسچينج پروگرام شروع ڪري سگهجي ٿو، ان حوالي سان اگنائٽ ۽ قطر سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. هن چيو ??ه اهو اهم آهي ته قطر ۾ پاڪ??تا??ي شاگردن کي قطر سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جو دورو ڪرايو وڃي. پاڪ??تا?? ۽ قطر ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. ملاقات ۾ آءِ ٽي جي ايڊيشنل سيڪريٽري عائشه حميرا مورياڻي به موجود هئي.