اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سلطنت عمان جي گادي واري شهر مسقط ۾ امام بارگاهه تي دهشتگرد حمل?? جي ش??يد مذمت ڪئي آهي. ايوان صدر ج?? پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري واقعي ۾ قيمتي جاني نقصا?? تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ا??ان جون همدرديون مارجي ويلن جي پونئيرن ۽ عمان جي عوام ??ان گڏ آهن. صدر واقعي ۾ مارجي ويل پاڪستاني شهرين جي وارثن ??ان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ انهن جي پونئيرن جي لاءِ صبر ج??يل جي دعا ڪئي.