اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو آهي ته اسان نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ عام م??ڻهو کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا آ??ن، بجيٽ ۾ آءِ ٽي جي شعبي جي فروغ جي لا??ِ اٽڪل 100 ارب، اسڪلز ڊولپمينٽ ۽ راندين جي شعبي جي لاءِ پڻ تاريخي فنڊز رکيا ويا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم م??مد شهباز شريف سان ينگ پارليامينٽرينز جي وفد پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن راجا اسامه سرور، بئريسٽر عقيل ملڪ، بئريسٽر دانيال چوڌري، احمد عتيق انور، نوشين افتخار، راڻا ارادت شريف خان، محمد عثمان اويسي، عمار احمد خان لغاري، ڊاڪٽر شائسته خان، زينب بلوچ، سعد وسيم، شاهد عثمان شامل هئا. وزيراعظم م??مد شهباز شريف وفد سان ڳالهائيندي چيو ته الله تعاليٰ توهان کي عوام جي خدمت جو موقعو فراهم ڪيو آهي، اميد آهي ته توهان ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪندا، اسان نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ عام م??ڻهو کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا آهن. هن چيو ته قابل شاگردن کي حڪومت پاران ليپ ٽاپس فراهم ڪيا ويندا، بجيٽ ۾ آءِ ٽي جي شعبي جي فروغ جي لا??ِ اٽڪل 100 ارب جا فنڊز رکيا ويا آهن جيڪو تاريخي قدم آهي، اسڪلز ڊولپمينٽ ۽ راندين جي شعبي جي لاءِ پڻ تاريخي فنڊز رکيا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته حڪومت نوجوانن کي روزگار جا ڀرپور موقعا فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي اسڪلز ڊيولپمينٽ جي لاءِ ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي، حڪومتي ادارن ۾ سڌارن ۽ رياستي ملڪيتي ادارن جي نجڪ??ري حڪومت جون ترجيحون آهن جنهن سان ملڪي خزاني تي بار گهٽ ڪري سگهبو. هن چيو ته پاڪستان فلسطين جي مظلوم م??لمانن جي اخلاقي ۽ سفارتي ج??ري رکي آهي. ملاقات ۾ لاڳاپيل تڪن جي معاملن ۽ ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.