اسلام آباد – 03 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري عورت?? جي معاشي خودمختياري جي لاءِ مالي خدمتن ۽ قرضن تائين پهچ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪاروباري عورت?? جي حوصلا افزائي ۽ بئنڪنگ شعبي ۾ عورت?? جي نمائندگي وڌائڻ جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بئنڪ جي گروپ چيف ايگزيڪيوٽو بل ونٽرز جي قيادت ۾ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته عورت?? جي معاشي خودمختياري سان خاندانن ??ي خوشحالي ۽ ملڪي ترقي ۾ مدد ملندي. صدر چيو ته پاڪستان ماحوليات جي تحفظ ۽ ٻيل?? جي فروغ جي لاءِ قدم کنيا آهن، سنڌ حڪومت م??نگ??وز ٻيلا هنيا ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ ڪاربن ڪريڊٽس جي واپار سان پرڏيهي ناڻو حاصل ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته موسمياتي شعبي ۾ سيڙپڪاري سان ماحوليات جي تحفظ ۾ مدد ملندي. هن زرعي شعبي ۽ بنيادي ڍانچي جي منصوبن خاص طور تي ننڍي ڊيمن، بيراجن ۽ پاور پلانٽس ۾ سيڙپڪاري تي زور ڏنو ۽ چيو ته بئنڪ آبادگار?? جي زرعي ضرورتن تائين پهچ وڌائڻ جي لاءِ مالياتي خدمتون، قرض فراهم ڪري. وفد صدر کي پاڪستا?? جي معيشت، بئنڪنگ انڊسٽري جي ترقي ۽ ارتقائي، ملڪي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ بئنڪ?? جي ڪردار بابت آگاهه ڪيو. صدر بئنڪ کي ننڍي کنڊ ۾ ڪامياب آپريشنز جا 160 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. صدر چيو ته بئنڪ ملڪ جي بئنڪنگ سيڪٽر جي ارتقاءَ ۾ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته بئنڪ ملڪ ۾ پنهنجي آپريشنز کي سگهه ڏيندي ۽ پاڪستاني معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي رهندي.