شي – آن – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف چين جو پنهنجو 5 ڏينهن جو تاريخي ۽ ڪامياب دو??و مڪمل ڪري پاڪستان روانو ٿي ويو، پاڪستان رواني ٿيڻ وقت شانسي صوبي جي نائب گورنر ڇَن ڇُن جيانگ، اعليٰ چيني ۽ پاڪستاني سفارتي اهلڪارن وزيراعظم کي الوداع ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري پڌرائي ??وجب وزيراعظم محمد شهباز ش??يف جو 5 ڏينهن جو چين جو دو??و پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن جي مضبوطي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري ۽ سي پيڪ جي ٻئي ??رحلي جي شروعات جي حوالي سان اهم سنگ ميل ثابت ٿيو. دو??ي جي حوالي سان ڳا??هه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته تازو چين جو دو??و پاڪستان ۽ چين جي ٻطرفن لاڳاپن ۾ هڪ نئين جهت جو اضافو آهي. چيني قيادت شي جن پنگ ۽ پريميئر لي ڪي ڪيانگ جو مهمان نوازي تي دل سان ٿورائتو آهيان، پاڪستان ۽ چين جي دو??تي لازوال ۽ بي مثال آهي. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ جي ٻئي ??رحلي تحت چيني ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن جي پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان ملاقات ٿي، چين جي انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، معدنيات ۽ ٻين شعبن ۾ ترقي قابل تقليد آهي. وزيراعظم چيو ته چين ۽ پاڪستان جي اقتصادي حصيداري سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي فائدو ٿيندو. تازي چين جي دو??ي دو??ان ٿيندڙ مثبت اڳڀرائ?? جا اثر ڊگهي مدي تائين رهندا.