آستانه ??? 21 – مئي (اي پي پي) ن??ئب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار قازقستان ۾ منعقد ٿيندڙ ايس سي او) ڪائونسل آف پرڏيهي وزيرن جي موقعي تي روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف سان ملاقات ڪئي. ن??ئب وزيراعظم پاڪستان ۽ رشين فيڊريشن جي وچ ۾ وڌندڙ ٻطرفي افهام تفهيم، تعاون ۽ تازي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ن??ئب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير روس ۾ پرامن ۽ ڪامياب چونڊ عمل تي پنهنجي روسي هم منصب کي مبارڪباد ڏني. هن پاڪستان ۽ روس لاڳاپن جي مثبت رخ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان روس ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ۽ سگهه ڏ??ڻ جي لاءِ ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. هن سال ماسڪو ۾ بين الحڪومتي ڪميشن (آء?? جي سي) جو نائون اجلاس منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.