اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان چين سان دوستاڻن لاڳاپن ۽ معاشي حصيداري کي وڌيڪ فر??غ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۾ ڪم ڪند?? چيني مهمانن جي سيڪيورٽي جي معاملي ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو، چيني ڪمپنيون ملڪ ۾ در??مد ٿيل ڪوئلي سان هلندڙ پاور پلانٽس کي مقامي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ ۽ ڪوئلي جي کاڻين جي کوٽائي جي ??نص??بن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن شنگهائي اليڪٽرڪ گروپ جي چيئرمين وو لي جي سربراهي ۾ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٿر ڪول بلاڪ ”ون“ پاور جنريشن ڪمپني جو چيئرمين ۽ چيف ايگزيڪويٽو آفيسر مينگ ڊونگ هائي، اقتص??دي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، توانائي وارو وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، پيٽروليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ محمد جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا. ملاقات ۾ وزيراعظم کي پاڪستان ۾ شنگهائي اليڪٽرڪ گروپ جي سرپرستي ۾ هلايا ويندڙ مختلف ??نص??بن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي چين سان دوستاڻي لاڳاپن ۽ معاشي حصيداري کي وڌيڪ فر??غ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي سمنڊ کان گهري ۽ هماليه کان بلند آهي. پاڪستان ۾ ڪم ڪند?? چيني ڪمپنين ۽ انهن جي ملازمن جي لاءِ سيڪيورٽي جي فراهمي ۾ ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو ويندو. وزيراعظم شنگهائي اليڪٽرڪ گروپ کي ملڪ م در??مد ٿيل ڪوئلي سان هلندڙ پاور پلانٽس کي مقامي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ ۽ ڪوئلي جي کاڻين جي کوٽائي جي ??نص??بن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته موجوده ??نص??بن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت چيني سيڙپڪارن کي سموريون سهولتون فراهم ڪندي. اجلاس ۾ وفد وزيراعظم کي مختلف ??نص??بن جي هيستائين جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني. شنگهائي اليڪٽرڪ گروپ پاڪستان ۾ ٿر ڪول مائن ڊيولپمينٽ ۽ 1320 ميگاواٽ جي ڪوئلي سان توانائي پيدا ڪرڻ جي ??نص??بي تي ڪم ڪري رهيو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته شنگهائي اليڪٽرڪ گروپ چين پاڪستان اقتص??دي لنگهه ??نص??بي تحت پاڪستان ۾ ڪم ڪند?? چين جي وڏين ڪمپنين مان هڪ آهي ۽ پاڪستان ۾ شنگهائي اليڪٽرڪ گروپ جي ??نص??بن جي ذريعي ساليانو 400 ملين ڊالر جي قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿي رهي آهي.