اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گڏيل مفاد ۾ سيڙپڪاري، واپار سميت ٻين شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آه?? ۽ چيو آه?? ته ايس آئي ايف سي جي ذريعي ملڪ ۾ سيڙپڪاري آڻڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي دوري تي آيل سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود ۽ وفد جي مان ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ منفرد لاڳاپن ۾ گڏيل مفاد ۾ سيڙپڪاري، واپار سميت ٻين شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آه??. هن چيو ته سعودي عرب جي وفد جي پاڪستان جي دوري تي سعودي عرب جا ٿورائتا آه??ون جڏهن ته پوري قوم سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي پاڪستان جي دوري جي منتظر آه??، دوري دوران گڏ??ل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته اسان هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آه??ون، اسان سيڙپڪاري بابت عالمي ماهرن جي مشاورت سان فزيبلٽي تيار ڪئي آه??، اڄ جي ڳالهه ٻولهه سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي نئين دور جي شروعات ٿي آه??، سعودي عرب سان اربين ڊالر جي سيڙپڪاري جا معاهدا ڪيا ويا آه??. هن چيو ته سعودي عرب جي معيار تي پورو لهنداسين، ايس آئي ايف سي شاندار ماڊل آه?? جنهن مختصر وقت ۾ بهترين مڪينزم جوڙيو آه??، اسان پنهنجا هدف حاصل ڪنداسين، ايس آئي ايف سي جي ايپڪس ڪميٽي ۾ آرمي چ??ف ۽ اهم سياسي شخصيتون شامل آه??، اسان گڏجي پنهنجو مشن مڪمل ڪنداسين، گڏيل منصوبن کي مڪمل ڪري اسان پنهنجو هدف حاصل ڪنداسين. سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڀرپور استقبال ۽ ميزباني تي ٿورا مڃون ٿا، سعودي عرب جي وفد جي پاڪستان جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ حصيداري جي نئين دور جي شروعات ٿي آه??. آجياڻي ۾ وفاقي وزير، پارليامينٽ ميمبر، آرمي چ??ف جنرل سيد عاصم منير سميت اعليٰ عسڪري ۽ سول عملدار پڻ موجود هئا.