اسلام آباد– 26 – مارچ (اي پي پي) وز??راعظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين بشام ۾ دهشتگردي جيڪڌي فعل جي ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو پختو عزم رکن ٿا. پنهنجي سوشل ميڊيا ا??ڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وز??راعظم چيو ته هن چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو ته جيئن دهشتگردي جي ان ڪڌي فعل تي تعزيت ??و اظهار ڪري سگهجي جنهن ۾ هڪ پاڪستاني ۽ 5 چيني شهري مارجي ويا. هن چيو ته اسان جون همدرديون ۽ دعائون متاثرين ۽ انهن جي گهرڀاتين سان گڏ آهن، پاڪ چين دوستي جي خلاف ان حملي جي شديد مذمت ڪريان ٿو. هن چيو ته ٻئي ملڪ ان ڪڌي فعل جي ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي پختي عزم ??و اظهار ڪن ٿا.