اسلام آباد– 26 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري تربت ۾ نيول بيس تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي کي ساراهي??دي ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري پنهنجي بيان ۾ چ??و ته حملي کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي وقت ۽ موثر جوابي ڪارروائي ساراهه جوڳي آهي. صدر ڪليئرنس آپريشن جي ذريعي دهشتگردن جو صف??يو ڪندڙ جوانن جي بهادري کي پڻ ساراهيو. صدر آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ سپاهي نعمان فريد کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيد جي درجن جي بل??دي لاءِ دعا ??ئي، گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ??ئي.