اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي) هائوسنگ اينڊ ور??س وار?? وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده وزارت جو عهدو سنڀالي ورتو. وفاقي وزير جي وزارت آمد تي هائوسنگ اينڊ ور??س واري سيڪريٽري ڊاڪٽر شهزاد خان بنگش ۽ وزارت جي ٻين آفيسرن سندس استقبال ڪيو. وفاقي وزير چارج سنڀالڻ کان پوءِ هائوسنگ واري سيڪريٽري سان هڪ جامع بريفنگ ورتي ته جي??ن وزارت اندر جاري منصوبن، چئلينجز ۽ موقعن جي باري ۾ مڪمل آگاهي حاصل ڪري سگهجي. ان موقعي ت?? وفاقي وزير معاملن کي خوش اسلوبي سان انجام ڏيڻ کي يقيني بنائڻ، شفافيت کي يقيني بنائڻ ۽ جاري منصوبن جي تڪميل کي تيز ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون. وفاقي وزير پا??يس??ن ۽ پروگرامن تي عملدرآمد ۾ احتساب ۽ ڪارڪردگيءَ جي اهميت تي زور ڀريو ته جي??ن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته وزارت پنهنجي ميڊيٽ کي مؤثر طريقي سان پورو ڪري. وفاقي وزير سرڪاري ملازمن ۽ عام ماڻهوءَ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي حامل اعليٰ معيار جي گهرن، بنيادي ڍانچي ۽ تعميراتي منصوبن جي ترقيءَ کي يقيني بنائڻ لاءِ جديد ۽ پائيدار حل جي ضرورت تي زور ڀريو. وفاقي وزير نااهلي ۽ بدعنواني کي قطعي برد??شت نه ڪرڻ جي پا??يس??ءَ تي زور ڀريندي چيو ته وزارت اندر پيشوراڻي مهارت ۽ ديانتداري جي اعليٰ ترين معيار کي برقرار رکڻ لاءِ سخت قدم کنيا ويندا.