اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ بحرين غزه ۾ خاص طور تي رمضان المبارڪ ?? فوري جنگبندي ۽ معصوم فلسطينين کي انساني امداد جي فوري فراهمي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب بحرين جي نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر شي?? محمد بن عيسيٰ بن سلمان الخليفه و??ير??عظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ بحرين جي بادشاهه شيخ حمد بن عيسيٰ الخليفه ۽ سندس شاهي خاندان بحرين جي ولي عهد ۽ و??ير??عظم شيخ سلمان بن حمد الخليفه پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. و??ير??عظم محمد شهباز شريف جنرل شي?? محمد جي پاڪستان ۾ شاندار آجيان ڪئي ۽ بحرين جي قيادت جا بطور و??ير??عظم ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد جي پيغامن تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين دفاعي تعاون آهي ۽ ان جو دورو انهن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيندو. واپار جي حوالي سان و??ير??عظم چيو ته هڪ ڀيرو جڏهن پاڪستان – جي سي سي آزاد واپاري معاهدو لاڳو ٿي ويندو ته موجوده ٻطرفو واپاري ڪاٿو هڪ ارب ڊالر ساليانو آهي جنهن ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافي جي صلاحيت آهي. و??ير??عظم ڪنگ حماد نرسنگ اسپتال جو حوالو ڏنو جيڪا اسلام آباد ۾ تعمير هيٺ آهي. هن چيو ته اهو فليگ شپ پراجيڪٽ پاڪستان جي عوام جي لاءِ بادشاهه جو تحفو آهي. 2014ع ۾ سندس دوري کي ياد ڪندي و??ير??عظم چيو ته پاڪستان ويجهي مستقبل ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بحرين جي بادشاهه جي ميزباني جو منتظر آهي. ان جي جواب ۾ جنرل شي?? محمد و??ير??عظم شهباز شريف کي جلد ک??ن جلد بحرين جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. ملاقات دوران غزه جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ٻنهي ڌرين خاص طور تي رمضان المباڪ ?? فوري جنگبندي ۽ معصوم فلسطينين کي انساني امداد جي فوري فراهمي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو.