اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ 2024ع جون عام چونڊون ڪامياب منعقد ٿيڻ تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته دعا آهي ته هي چُونڊُون پاڪستان جي روشن ۽ خوشحال مستقبل جي نويد ثابت ٿين. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته ڪامياب چونڊون منعقد ٿيڻ تي پوري قوم جا ٿورا مڃان ٿو، آئون اليڪشن ڪميشن آف پاڪس??ان?? نگران صوبائي حڪومتن، هٿياربند فوج، سول آرمڊ فورسز، پوليس، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، چونڊ عملي، ميڊيا ۽ ا??هن سمورن ادارن ۽ ماڻهن جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو جن آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته هي اهم موقعو نه رڳو اسان جي جمهوري عمل جي استحڪام ۽ مضبوطي پر پاڪستاني عوام جي ناقابل تسخير جذبي جو ??ڻ ثبوت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي عوام جي شرڪت ۽ جوش ان جمهوري عمل جو سنگ بنياد رهيو آهي، ووٽرن جو ??ڌيڪ ٽرن آئون اسان جي ملڪ جي مستقبل جي لاءِ عوامي عزم جو ??اضح اشارو آهي. هن چيو ته ووٽ جي ذريعي راءِ جي حق جي اظهار سان اسان جي جمهوريت مضبوط ٿيندي ۽ ان جي لاءِ پاڪستاني عوام تحسين مستحق آهي. نگران وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جي ڪجهه واقعن جي باوجود سڄي ملڪ ۾ آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ هٿياربند فوج، سول آرمڊ فورسز، ايل اي اي، سويلين ايڊمنسٽريشن ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، پنهنجي فرضن سان ا??هن جي اڻٿڪ وابستگي چونڊون پرامن منعقد ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي رهي آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستاني عوام مشڪلاتن کي م??هن ڏيندي غيرمعمولي همٿ ۽ عزم جو ??ظاهرو ڪيو آهي، دهشتگردي جي تازون واقعن جي باوجود عوام جو جذبو ۽ چونڊ عمل ۾ ا??هن جي شرڪت اسان جي ملڪ کي عدم استحڪام ۾ آڻڻ جي لاءِ ??رگ??م قوتن جي خلاف هڪ طاقتور بيان آهي. هن چيو ته هي امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ اسان جي گڏيل خواهش جي عڪاسي ڪري ٿو. نگران وزيراعظم چيو ته ه?? ڀيرو ٻيهر آئون هن تاريخي ڪاميابي تي قوم کي مبارڪباد ڏيان ٿو، دعا آهي ته هي چُونڊُون پاڪستان جي روشن ۽ خوشحال مستقبل جي نويد ثابت ٿين.