اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي ۽ معاشرتي ترقي جي لاءِ ٻارڙين جي تعليم تي پڻ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ 60 لک کان وڌيڪ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، پاڪستان جي سمورن ٻارن کي تعليم جي فراهمي جي لاءِ نجي ۽ سرڪاري شع??ي ۾ ??عا??ن لازمي آهي. هو محمد شفيق خان جي قيادت ۾ ريڊ فائونڊيشن جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. وفد صدر کي تعليمي ۽ فلاحي شع??ي ۾ ريڊ فائونڊيشن جي خدمتن بابت ٻڌايو ته ريڊ فائونڊيشن سڄي ملڪ ۾ 400 کان وڌيڪ اسڪول ۽ ڪاليجز هلائي رهي ??هي?? فائونڊيشن معاشري ۾ معياري، قابل قدر ۽ بامقصد تعليم جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪري رهي ??هي?? فائونڊيشن جو مقصد معياري، گهٽ قيمت ۽ مفت تعليم تائين پهچ وڌائڻ ??هي?? ريڊ فائونڊيشن يتيم ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ پڻ قدم کڻي رهي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪي انساني وسيلن جي ترقي ۾ تعليمي ادارن جو اهم ڪردار ??هي?? يتيم ٻارن جي تعليم ۽ خودمختياري ٺوس معاشري جي جوڙجڪ جي لاءِ ضروري آهي. صدر تعليمي ۽ فلاحي شع??ي ۾ ريڊ فائونڊيشن جي خدمتن کي ساراهيو.