اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظ?? انوار??لح?? ڪاڪڙ سان پاڪستان ۾ تاجڪستان جي سفير عصمت الله نصرالدين الوداعي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نگران وزيراعظ?? انوار??لح?? ڪاڪڙ عصمت الله نصرالدين جي پاڪستان تاجڪستان لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ ڪردار کي ساراهيو. نگران وزيراعظم تاجڪ سفير مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته تاجڪستان مان ايندڙ سفير به اهڙي طرح ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي م??بو??ي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. تاجڪ سفير عصمت الله نصرالدين پاڪستان تاجڪستان جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي پراڻو ۽ تاريخي قرار ڏنو. تاجڪ سفير پاڪستان ۾ پنهنجي قيام کي يادگار ۽ پاڪستاني مهمان نوازي کي ساراهيو. تاجڪستان جي سفير نگران وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن تي سندس ٿورا مڃيا.