بيجنگ – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين جي دوري جي لاءِ بيجنگ پهچي ويو. بيجنگ پهچڻ تي ??ندس شاندار استقبال ڪيو ويو. چين جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير وانگ زو گانگ، ??اڪ??تان ۾ چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ ۽ اعليٰ عملدارن سندس آجيان ڪئي. چين جي فنڪارن روايتي ??قص سان نگران وزيراعظم جو استقبال ڪيو. نگران وزيراعظم کي گلدستو پيش ڪيو ويو. ??اڪ??تان ۽ چين جا ق??مي ترانا وڄايا ويا. نگران وزيراعظم پنهنجي چين جي دوري دوران 17 ۽ 18 آڪٽوب?? تي منعقد ٿيندڙ ٽئين عالمي تعاون بابت بيلٽ اينڊ روڊ فورم (بي آر ايف) ۾ شرڪت ڪندو. بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ ??اڪ??تان جي نمائندگي ڪندي نگران وزيراعظم چين ??اڪ??تان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) تحت گذريل 10 سالن ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪاميابين سان گڏوگڏ مستقبل جي هدفن ۽ ان جي اهم منصوبي تي ??اڪ??تان جي ڀرپور تعاون جو ورجاءُ ڪندو. نگران وزيراعظم بي آر ايف جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت کانسواءِ 18 آڪٽوب?? تي عالمي معيشت ۾ مواصلاتي ??ابطن جي موضوع تي منعقد اعليٰ سطحي فورم کي خطاب ڪندو. نگران وزيراعظم جي چين ۾ چيني صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي چيانگ ۽ سي پي سي سينٽرل ڪميٽي جي پولٽ بيورو جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبر لي شي سان ملاقات سان گڏوگڏ اعليٰ چيني قيادت ۽ فورم ۾ شريڪ ٻين ملڪن جي سربراهن سان پڻ ملاقات ٿيندي. نگران وزيراعظم ??اڪ??تان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ چين ۾ ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان پڻ ملاقاتون ڪندو. سنڪيانگ ۽ ??اڪ??تان جي عوام جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ نگران وزيراعظم ارومچي جو دورو ڪندو جتي نگران وزيراعظم اتان جي مقامي اڳواڻن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان ملاقاتون ڪندو.