اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چين ??ي پرڏيهي وزير وانگ يي جي خصوصي دعوت تي 4 کان 5 آڪٽوبر تائين ??بت جي خودمختيار علائقي نينگچي ۾ منعقد ٿيندڙ ٽئين ??المي تعاون بابت ٽرانس هماليه فورم ۾ شرڪت جي لاءِ چين ??و دورو ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٽرانس هماليه فورم جي شروعات 2018ع ۾ علائقائي ملڪن جي وچ ۾ جاگرافيائي رابطي، ماحولياتي تحفظ ۽ ثقافتي رابطن کي وڌائڻ سميت مختلف موضوعن ت?? عملي تعاون کي گهرو ڪرڻ جي لاءِ ڪئي وئي هئي. فورم جو آخري اجلاس 2019ع ۾ ٿيو هو. هن سال جي فورم جو ??يم ”ماحوليايت تهذيب ۽ ماحولياتي تحفظ“ آهي. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني تبت ۾ پنهنجي قيام دوران ٽرانس هماليه جي افتتاحي تقريب کي خط??ب ڪندو. هو منگوليا جي نائب وزيراعظم، چين ??ي پرڏيهي وزير ۽ افغانستان جي عبوري پرڏيهي وزير سميت ڪيترين ??ي علائقائي شخصيتن سان پڻ ملاقاتون ڪندو.