اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ آهي، اسان پنهنجي ??ومي مفاد ۾ فيصلا ڪندا آهيون، ڪنهن کي پنهنجي ??عاملن ۾ مداخلت ڪرڻ نه ڏينداسين، يقين ڏياريان ٿ?? ته چونڊ عمل صاف، شفاف ۽ آزاداڻو هوندو، اسان جلد چونڊ عمل ۾ داخل ٿيڻ وڃي رهيا آهيون، چونڊ عمل ۾ انتظامي سطح تي ڪنهن جي حمايت يا مخالفت نه ڪئي ويندي، افغانستان ۾ استحڪام ٻنهي ملڪن جي ??فاد ۾ آهي، تحريڪ طالبان پاڪستان سميت ٻين گروپن جي ??اڪستان جي خلاف افغان سرزمين جي استعمال تي ڳڻتي آهي، افغان عبوري حڪومت پنهنجي سرزمين ڪنهن ملڪ جي خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏي. ترڪ ٽي وي ”ٽي آر ٽي“ کي انٽرويو ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هڪ سوال جي جواب ۾ چي?? ته اسان تحريڪ انصاف، مسلم ليگ (ن) يا پيپلزپارٽي سميت هر سياسي پارٽي جي سياسي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائينداسين. جيستائين پرامن احتجاج جو تعلق آهي ته اهو هر ڪنهن جو حق آهي جڏهن ته پرتشدد احتجاج ڪنهن به طور تي قابل قبول نه آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته چونڊ تڪبنديون ??ليڪشن ڪميشن جي آئيني ذميواري آهي. جيڪڏهن اسان قانون ??ي بالادستي جي ڳالهه ڪريون ٿا ته اسان کي ان تي عمل به ڪرڻو پوندو. چونڊ تڪبندين تي اعتراض اڳوڻي پارليامينٽ ۾ قانونسازي جي ??قت ٿي سگهيا ٿي ۽ اهو ئي ان جو صحيح فورم هو. اسان کي قانون ۽ آئين جي ??اسداري ڪرڻي آهي. جيڪڏهن آئين اسان کي نئين تڪبندين جو چوي ٿ?? ته اليڪشن ڪميشن نيون ??ڪبنديون ڪرائڻ جي ??ابند آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته پاڪستان سميت هر ملڪ جي سياسي ڪلچر ۾ سازشي ٿيوريون گردش ڪنديون ??هنديون ??هن. هن چي?? ته عمران خان جي حڪومت هٽائڻ جي حوالي سان مداخلت جي الزامن جي ??اڻ آمريڪا واضح ترديد ڪئي آهي. ڪجهه وقتن تي سياستدان عوامي حمايت حاصل ڪرڻ جي ??اءِ اهڙو موقف اختيار ڪندا آهن. هن چي?? ته اسان هڪ خودمختيار ملڪ آهيون. ان ڳالهه کي يقيني بڻائينداسين ته ڪا به ٻاهرئين طاقت پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪري. پنهنجي ??فاد کي نظر ۾ رکنداسين. پي ٽي آءِ جي گذريل حڪومت کي اقتدار کان جدا ڪرڻ جي حوالي سان نگران وزيراعظم چي?? ته آئين ۾ ڪنهن حڪومت کي ٺاهڻ ۽ ان کي هٽائڻ جي حوالي سان طريقو لکيل آهي، پاڪستان جي ??ارلياماني تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ان ڪم جي ??اءِ آئيني رستو اختيار ڪيو ويو. ان جي ??اءِ اهو سڄو عمل آئيني هو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته بدقسمتي سان ٽي چار ڏهاڪن کان اسان جي سويلين ادارن جي ڪارڪردگي سٺي نه رهي. صحت، تعليم، يڪس وصولي يا قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ سميت مختلف شعبن ۾ ڪارڪردگي جي حوالي سان اسان کي چئلينجز درپيش رهيا آهن ۽ اسان کي مجبوري ۾ فوج جهڙي منظم اداري کان مدد طلب ڪرڻي پوي ٿي. هن چي?? ته گورننس سميت پنهنجي ??اڪامين تي پردو وجهڻ جي ??اءِ اهو سڀ کان آسان رستو آهي ته ان جو ذميوار ڪنهن ٻئي کي قرار ڏنو وڃي. اسان کي سويلين ادارن جي صلاحيت وڌائڻي پوندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته افغانستان ۾ نيٽو فوج ڪيترن ئي سالن تائين موجود رهي، انهن هتي 2 ٽريلين ڊالر خرچ ڪيا پر ان جي باوجود ڪيترائي مسئلا اڄ به موجود آهن ۽ 15، 16 سالن کان افغانستان جي سرزمين پاڪستان ۾ دهشتگردن جي حملن جي ??اءِ استعمال ٿي رهي آهي. اسان ان دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون ۽ اسان ان ۾ ڪاميابيون ??اصل ڪيون ??هن. 20 سالن تائين آمريڪا ۽ اتحادي فوج افغانستان ۾ پنهنجو وقت ۽ وسيلا استعمال ڪيا ان جي باوجود سينٽرل اٿارٽي قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا. اتي هن وقت به مختلف تشدد پسند گروپ موجود آهن جن جو خاتمو پاڪستان ۽ افغانستان جي گڏيل مفاد ۾ آهي. پاڪستان سرحد پار کان دهشتگردن جي حملن کي روڪڻ جي ??اءِ ڪيترائي سيڪيورٽي قدم کنيا آهن. تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) پاڪستان جي خلاف پرتشدد ڪاررواين جي ??اءِ افغانستان جي زمين ۾ استعمال ڪري ٿي جنهن تي اسان کي ڳڻتي آهي. اسان افغان عبوري حڪومت سان اهو معاملو اٿاريندا رهيا آهيون. پنهنجي سرزمين ۽ عوام جي حفاظت جي ??اءِ هر قدم کڻنداسين. پاڪستان ه?? قسم جي دهشتگردي جي ??ذمت ڪري ٿو. هن چي?? ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان وڏيون ڪاميابيون ??اصل ڪيون ??هن. پاڪستاني واحد قوم آهي جنهن دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 90 هزار کان وڌيڪ جانين جون قربانيون ڏنيون ??هن. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته پاڪستان ڀارت سان لاڳاپن کي مختلف ڏس ۾ ڏسي ٿو. پاڪستان کي معاشي مسئلا درپيش رهيا آهن ته ڀارتي حڪومت به معاشي مسئلن جو شڪار آهي. هن يقين واري انداز ۾ چي?? ته پاڪستان جو مستقبل روشن آهي.