اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره ب??وچ چيو آهي ته نگران ??زي??اعظم انوارالحق ڪاڪڙ جمعي 22 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندو. ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته نگران ??زي??اعظم جنرل اسيمبلي کي پنهنجي خطاب ۾ گڏيل قومن جي ايجنڊا تي موجود پراڻي حل طلب تڪرار ڄمون ۽ ڪشمير سميت ڪيترن ئي عل??ئق??ئي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جو موقف بيان ڪندو. ترجمان چيو ته نگران ??زي??اعظم پاڪستان جي معاشي بحالي کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن ۽ ملڪي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪرڻ جي ڪوششن کان پُڻ آگاهه ڪندو. هن چيو ته نگران ??زي??اعظم اڄ ڪلائميٽ ايمبيشن سمٽ 2023ع ۽ ترقي جي لاءِ فنانسنگ تي اعليٰ سطحي ڊائيل??گ ۾ شرڪت ڪندو.