اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافي جي لاءِ قدمن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي، پاور سيڪٽر ۾ جاري سڌارن تي عملدرآمد ۾ وڌيڪ تيزي آندي وڃي، صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ عالمي معيار جون سهولتون يقيني بڻايون وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ اج??اس ٿيو جنهن ۾ مختلف وزارتن جي اهم معاملن ۽ ملڪي معاشي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اج??اس ۾ اعليٰ سرڪاري آفيسرن بشمول ??سٽ??ٽ بئنڪ جي گورنر، ناڻي واري سيڪريٽري، پاور واري سيڪريٽري ۽ ايف بي آر چيئرمين شرڪت ڪئي. اج??اس کي ملڪي معيشت ۾ استحڪام ۽ وڌيڪ بهتري جي لاءِ قدمن تي تفصيلي طور آگاهه ڪيو ويو. اج??اس کي پاور سيڪٽر ۾ جاري سڌارن تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم هر شعبي ۾ جاري سڌارن تي تفصيلي رپورٽ پيش ڪ??ڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ملڪي معاشي پاليسين جو تسلسل قائم رکنداسين ۽ وڌيڪ اقتصادي بهتري آڻينداسين، عوامي ڀلائي جا منصوبا بنا رڪاوٽ جاري رهندا، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪا??ونسل تحت ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ قدم نگران حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ عالمي معيار جون سهولتون يقيني بڻايون وڃن، پاور سيڪٽر ۾ جاري سڌارن تي عملدرآمد وڌيڪ تيز ڪيو وڃي، ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافي جي لاءِ قدمن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت معيشت جي بهتري لاءِ ڊي ريگيوليشن ۽ ذميوار خودمختياري تي ڌيان ڏيندي، نگران حڪومت پنهنجي محدود مدي ۾ سموريون توانائيون معيشت جي اصلاح تي لڳائيندي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي ملڪي معاشي صورتحال تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.