اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اها ڳالهه سختي سان چئي آهي ته اظهار جي آزادي ۽ احتجاج کي خودغرضاڻي بهانن سان مذهب، قابل احترام مذهبي شخصيتن، مق??س صحيفن ۽ علامتن جي توهين ??ي معاف نه ٿو ڪري سگهجي، اس??امي دنيا جي اجتماعي آواز طور تي او آءِ سي کي ان معاملي تي ٺوس ۽ جامع حڪمت عملي تيار ڪرڻ گه??جي ۽ اهو مسئلو گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ گڏيل قومن جي ٻين لاڳاپيل فورمز ۽ ادارن آڏو اٿارڻ گه??جي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اس??امي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. قرآن پاڪ جي سرعام بي حرمتي ڪرڻ جي بي بار پيش ايندڙ واقعن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم پاڪستان پاران ان ڄاڻي واڻي ۽ اشتعال انگيز ڪاررواين جي شديد مذمت ڪئي، جنهن سان سڄي دنيا جي مسلمانن جا جذبا مجروح ٿيا آهن. هن زور ڏيندي چيو ته اظهار جي آزادي ۽ احتجاج کي خودغرضاڻي بهانن سان مذهب، قابل احترام مذهبي شخصيتن، مق??س صحيفن ۽ علامتن جي توهين ??ي معاف نه ٿو ڪري سگهجي. وزيراعظم اس??امو فوبيا جي انهن رجحانن ۽ واقعن بابت مسلمان امت جي خدشن ۽ مطالبن کي بيان ڪرڻ ۾ او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي ڪردار کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اس??امي دنيا جي اجتماعي آواز طور تي او آءِ سي کي هڪ ٺوس ۽ جامع حڪمت عملي تيار ڪرڻ گه??جي، جنهن جو مق??د پنهنجي موقف بابت عالمي سطح تي بيداري پيدا ڪرڻ ۽ مسلم دشمني ۽ اس??امو فوبيا جي وڌندڙ واقعن جي خلاف قانوني ۽ سياسي مزاحمت پيدا ڪرڻ آهي. ان معاملي تي جنيوا ۾ قائم انساني حقن واري ڪائونسل ۾ فوري بحث منعقد ڪرڻ جي آجيان ڪندي وزيراعظم وڌيڪ زور ڏنو ته او آءِ سي کي اهو مسئلو گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ گڏيل قومن جي ٻين لاڳاپيل فورمز ۽ ادارن آڏو اٿارڻ گه??جي. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل قرآن پاڪ جي سرعام بي حرمتي جي ڪڌي واقعن تي پاڪستان جي مذمت ۽ ڳڻتي جي حمايت ڪئي. هن اس??امو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ او آءِ سي جي پڪي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سيڪريٽري جنرل ان معاملي تي خاص طور تي او آءِ سي جي ڳالهين ۾ پاڪستان جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو.