اسلام آباد – 15 ?? جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڊي ڪيئر س??نٽرز بل 2023ع جي توثيق ڪري ڇڏي. بل جو مقصد اسلام آباد ۾ پبلڪ ۽ پرائيويٽ ادارن ۾ ڊي ڪيئر س??نٽرز جي سهولت فراهم ڪرڻ آهي. بل تحت وفاقي حڪومت گهٽ ?? گهٽ 70 ملازمن وارن ادارن ۾ ڊي ڪيئرز جو قيام يقيني بڻائيندي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ڊيئر ڪيئر س??نٽرز بل 2023ع تحت گهٽ ?? گهٽ 70 ملازمن وارا نجي ادارا به ملازمن جي سهولت لاءِ ڊي ڪيئرز جو قيام يقيني بڻائيندا. بل تي عملدرآمد نه ڪ??ڻ جي صورت ۾ پهرين وارننگ کانپوءِ هڪ لک رپين تائين جو ڏنڊ هڻي سگهبو. وڌيڪ عملدرآمد نه ڪ??ڻ جي صورت ۾ 6 مهينا قيد جي سزا به ڏئي سگهبي. صدر بل جي توثيق آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڪئي.