اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) پاڪستان فلسطين جي جنين پناهگير ڪئمپ تي اسرائيلي قابض فوج جي تازي ڇاپي جي سخت مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ هڪ 14 س??لا ٻار سميت 4 فلسطيني شهيد ۽ 40 کان وڌيڪ شهري زخمي ٿيا ??هن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا ڪر??ون ٿا ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري تي زور ڏيون ٿا ته اها فلسطيني عوام جي تحفظ جي لاءِ فوري قدم کڻ??. ترجمان چيو ته پاڪستان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته مسئلي جو پرامن حل ٻه رياستي حل لاڳ?? ڪرڻ ۾ آهي، اسان 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل فلسطين جي هڪ آزاد رياست قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪر??ون ٿا جنهن جو گادي وارو شهر القدس شريف هجي.