اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي ميران شاهه ۾ دهشتگردن جي خودڪش حملي ۾ فوجي جوانن جي شهادت تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن جي قرب??ني?? کي ڪڏهن به نه وساريندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهادت ماڻيندڙ نا??ب صوبيدار صاحب خان، نا??يڪ محمد ابراهيم، سپاهي جهانگير خان کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن جي ج??د صحتيابي ۽ شهيدن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته انهن بهادر جوانن چوڪيءَ تي حملي کي پنهنجي ج??ني?? جا نذرانا پيش ڪري ناڪام بڻ??يو ۽ قوم کي تمام وڏي نقصان کان بچايو، پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن جي قرب??ني?? کي ڪڏهن به نه وساريندي. هن چيو ته اسان جي هٿياربند فوج جا بهادر جوان پنهنجي رت سان هن ملڪ جي بقاءَ جي آبياري ڪري رهيا آهن.