بغداد – 06 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عراق جي سرڪاري دوري جي موقعي تي عراق جي حڪمت پارٽي جي صدر عمار حڪيم سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفي?? موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ سياسي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي مع??ملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائي??دي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ اعليٰ سطحي سياسي رابطا ٻنهي ملڪن جي لاءِ اهم آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي لاڳاپن جي فروغ لاءِ سياسي رابطا انتهائي ضروري آهن.