اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان نواز شريف جي ترقياتي منصوبن جون تصويرون ۽ 9 مئي تي پي ٽي آءِ پاران ڪيل تباهي جون تصويرون شيئر ڪندي چيو آهي ته سالن جي ترقي جو سفر 9 مئي تي تباهي جو منظر پيش ڪري رهيو هو، عمران نيازي هيڏانهن هوڏانهن جون هٿ ٺوڪيون ڳالهيون ڇڏيو ۽ پنهنجي ڪرپشن جو حساب ڏيو. پنهنجي ٽوئ??ٽ ۾ وزيراعظم راولپندي سڪسٿ روڊ ميٽرو بس اسٽيشن جي پراڻي ۽ نئين تصوير شيئر ڪئي، هڪ تصوير ۾ مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان نواز شريف کي ان منصوبي جي حوالي سان بريفنگ ڏني پئي وئي جڏ??ن ته ٻي تصوير ۾ انهي منصوبي کي پي ٽي آءِ پاران ب??هه لڳ??ئڻ کانپوءِ تباهي جو منظر ڏيکاريو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي ٽوئ??ٽ ۾ چيو ته سالن جي ترقي جو سفر 9 مئي تي تباهي جو منظر پيش ڪري رهيو آهي ۽ ان ميٽرو بس اسٽيشن کي پي ٽي آءِ تب??هه ڪري ڇڏيو. وزيراعظم پنهنجي ٽوئ??ٽ ۾ پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران نيازي جو هڪ ٽوئيٽ پڻ شيئر ڪيو ۽ ان ٽوئيٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته عمران نيازي هيڏانهن هوڏانهن جون هٿ ٺوڪيون ڳالهيون ڇڏيو، جاچ ۾ شامل ٿيو ۽ پنهنجي ڪرپشن جو حساب ڏيو.