اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف موٽ??سا??يڪل ۽ رڪشا وارن کي رعايتي اگهه تي ??يٽرول جي فراهمي جو اصولي فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 10 لک ماڻهن کي رمضان المبارڪ ۾ مفت اٽو فراهم ڪيو ويندو، وزيراعظم سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان کي به ان اسڪيم ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ غريب ۽ وچولي طبقي کي مهانگائي جي اثرن کان بچائڻ جي لاءِ قدمن تي اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، پيٽروليم واري مملڪتي ??زير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ?? لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت موجب اسلام آباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رمضان دوران مفت اٽي جي فراهمي ڪئي ويندي جنهن جي لاءِ پروگرام حتمي مرحلن ۾ آهي، ان اسڪيم سان اسلام آباد جي اٽڪل ڏيڍ لک خاندانن کي مفت اٽو ورهايو ويندو. اجلاس کي موٽ??سا??يڪل ۽ رڪشا وارن جي لاءِ رعايتي اگهه تي ??يٽرول تي ??ڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ان حوالي سان مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون. وزيراعظم پروگرام کي حتمي شڪل ڏئي جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته موٽ??سا??يڪل ۽ رڪشا وارا ??عاشي طور تي ڪمزور طبقي سان تعلق رکن ٿا ۽ حڪومت انهن کي مهانگائي کان بچائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. وزيراعظم اسلام آباد ۾ رمضان دوران غريب ۽ وچولي طبقي کي مفت اٽي جي فراهمي جو فيصلو ڪيو آهي، اسڪيم تحت اسلام آباد جي 10 لک ماڻهن کي رمضان المبارڪ ۾ مفت اٽو فراهم ڪيو ويندو. وزيراعظم سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان کي به ان اسڪيم ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته رمضان المبارڪ ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جي مسئلن کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم هدايت ڪئي ته مفت اٽي جي ورڇ کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو وڃي. وزيراعظم جي هدايت تي ??وٽ??سا??يڪل ۽ رڪشا وارن کي مهانگائي جي اثرن کان بچائڻ جو پروگرام تيار ڪيو ويو آهي، پروگرام تحت موٽ??سا??يڪل ۽ رڪشا وارن کي سستي ??يٽرول جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي.