اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جو ٻن ڏي??هن جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ واپس پاڪستان پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم قطر جي دوري دوران اسرندڙ ملڪن جي ڪانفرنس جي پنجين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. هو قطر جي امير پاران ڪانفرنس ۾ شريڪ ملڪي سربراهن ۽ وزيراعظمن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ به شريڪ ٿيو. وزيراعظم سومر ڏي??هن ڪانفرنس جي اجلاس کي خطاب به ڪيو، ج??هن کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويو.