اسلام آباد– 02 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي سوراب بلوچستان ۾ زمين حاصل ڪندڙ متاثري?? کي معاوضي جي 4 سالن کان عدم ادائيگي تي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي عملدارن خلاف انڪوائري جو حڪم ڏيندي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي اپيل رد ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پارا?? جاري بيان موجب صدر بلوچستان جي زمين حاصل ڪرڻ جي 23 متاثري?? کي چئن سالن تائين معاوضي جي عدم ادائيگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن معاوضو ادا ڪرڻ ۾ دير ??ي ذميوار آفيسرن، اهلڪارن جي خلاف انڪوائري ڪرڻ جا حڪم جاري ڪندي چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي حڪم جي وصولي جي 30 ڏينهن جي اندر تعميل جي رپورٽ پيش ڪري. صدر چيو ته اٿارٽي وضاحت ڪري ته محتسب جي حڪمن جي تعميل ڇو نه ڪئي وئي. هن چيو ته اٿارٽي چئن سا??ن جي دير کانپوءِ ايڪنڪ جي منظوري جي لاءِ ڪيس شروع ڪيو، معاملو دير ??ان موڪلڻ تي شهري?? کي ادائيگي ۾ دير ٿي. صدر چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي لاپرواهي بلڪل واضح آهي. صدر چيو ته اٿارٽي 1894ع جي لينڊ ايڪيوزيشن ايڪٽ تي عمل نه ڪيو، ايجنسي جي قانوني ذميواري آهي ته اها ڊپٽي ڪمشنر/ ڪليڪٽر کي معاوضي جا فنڊ جمع ڪرائي. هن چيو ته اٿارٽي زمي?? کي حاصل ڪرڻ دوران نقصان جي ادائيگي ۾ ناڪام رهي، شڪايتن جي چئن سالن کانپوءِ دير ??ان ڪيس شروع ڪرڻ بدانتظامي جي برابر آهي. تفصيل موجب سوراب بلوچستان جي 23 شهرين کان اٿارٽي روڊ جي تعمير ??ي لاءِ زرعي زمين حاصل ڪئي، روڊ مڪمل ٿيڻ جي باوجود زمين جي معاوضي جي رقم شهري?? کي ادا نه ڪئي وئي، جنهن تي شهرين اٿارٽي کان معاوضي جي درخواست ڪئي پر ڪو به فائدو نه ٿيو، ريليف نه ملڻ تي بلوچستان جي شهرين وفاقي محتسب کي درخواست ڪئي، وفاقي محتسب اٿارٽي جي حڪمن جي خلاف انڪوائري جو حڪم ڏنو، جنه?? کي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي صدر آڏو چئلينج ڪيو، صدر نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي درخواست کي مڪمل طور غلط قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو.