استنبول – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪ??تا?? ۽ ترڪيه امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏيل لاڳاپن ۽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪري رهيا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ۽ حصيداري جارحيت نه پر دفاع جي لاءِ آهي، پاڪ??تا?? ۽ ترڪيه جا لاڳاپا منفرد نوعيت جا آهن جن کي ڪير به ڪمزور نه ٿو ڪري سگهي، ٻئي ڀائر ملڪ گڏجي ترقي ۽ خوشحالي جي منزل طرف وڃي سگهن ٿا، پاڪ??تا?? ۽ ترڪيه گڏجي ماحول دوست قدمن ۽ هاڃيڪار گئسن جي اخراج ۾ گهٽتائي، ونڊ، سولر ۽ پاڻي، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت ٻين شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار استنبول شپ يارڊ تي پاڪ بحريه جي لاءِ چار ملجم ڪارويٽ جهازن مان ٽئين جهاز پي اين ايس خيبر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ٻئي گهر ترڪيه جو دورو ڪرڻ تي کيس خوشي ٿي آهي، پاڪ??تا?? ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا ۽ ڀائيچاري جي ڏس ۾ هي عظيم ڏينهن آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ جي تقريب ڏسي کيس 1920ع جون حالتون ياد اچن ٿيون جڏهن اسان جا ترڪ ڀينر ڀائر آزادي جي جنگ وڙهي رهيا هئا ۽ ننڍي کنڊ جا مسلمان پنهنجي ترڪ ڀينرن ڀائرن جي لاءِ آزادي جي ان عظيم جدوجهد جي لاءِ تحريڪ خلافت شروع ڪري رهيا هئا، ننڍي کنڊ جي مائرن ۽ ڀينرن پنهنجون چوڙيون، دڪاندارن، آبادگارن ۽ شاگردن چندو گڏ ڪري پنهنجي ترڪ ڀائرن جي عظيم جنگ جي لاءِ مدد فراهم ڪئي، اسان جا ابا ڏاڏا ڄاڻيندا هئا ته جيڪا به ڪوشش هو ڪري رهيا آهن، ترڪ قوم نه رڳو اها ياد رکندي پر ترڪيه پاڪ??تا?? سان مشڪل وقت ۾ به بيٺل رهندو. وزيراعظم چيو ته ترڪيه سدائين ٻوڏ، زلزلي ۽ آفت جي وقت ۾ پاڪ??تا?? سان گڏ بيٺل رهيو آهي، ترڪيه پاڪ??تا?? کي ريسڪيو ڪرڻ ۾ نه هٻڪيو، ننڍي کنڊ جي مسلمانن ترڪيه جي عوام جي لاءِ جيڪو ڪجهه ڪيو اهو اڄ ترڪيه جي اسڪولن، يونيورسٽين ۽ ڪاليجز ۾ نصاب جو حصو آهي. وزيراعظم ترڪيه جي صدر رجب ط??ب اردوان جي دانشمنداڻي قيادت کي ساراهيو ۽ چيو ته ان جي ويزن ۽ قيادت ترڪيه کي جديد معاشرو بڻايو آهي. وزيراعظم چيو ته رجب ط??ب اردوان جي سماجي ڀلائي جي منصوبن جي ڪري ترڪيه جي ڏورانهن علائقن ۾ به ماڻهن کي صحت، تعليم، روزگار ۽ زراعت جون سهولتون ۽ صنعتي ترقي جا ثمر ملي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان پاڪ??تا?? نيوي جي لاءِ ملجم ڪارويٽ جهازن مان ٽئين جهاز پي اين ايس خيبر جي افتتاحي تقريب ۾ شريڪ آهيون، پاڪ??تا?? ۽ ترڪيه امن ۽ استڪام جي لاءِ پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط ڪري رهيا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ۽ حصيداري جارحيت نه پر دفاع جي لاءِ آهي، امن سان رهڻ جي لاءِ جنگ جي لاءِ تيار ٿيڻ ضروري آهي. هن چيو ته هن منصوبي ۾ ٻنهي ملڪن جي نيول آفيسرز ۽ ورڪرن ٻنهي ملڪن جي پيداواري صلاحيتن ۾ اضافي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ دنيا کي تڪرار درپيش آهن، يوڪرين جي جنگ عالمي برادري جي لاءِ خطرا پيدا ڪيا آهن، يوڪرين جي جنگ ۾ ترڪيه جي صدر جيڪا دانشمنداڻي حڪمت عملي اختيار ڪئي اها ساراهه جوڳي آهي، هن جنگ جي ڪري پاڪ??تا?? جهڙن اسرندڙ ملڪن کي سنجيده مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪ??تا?? هڪ اسرندڙ ملڪ آهي، پيٽرول، کاڄرو تيل ۽ خوراڪ جو اسان جو درآمدي بل 25 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهي، انهي ڏس ۾ اسان شمسي توانائي، هوا ۽ پاڻي سان بجلي پيداوار جهڙن منصوبن تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته ترڪيه ان شعبي ۾ صلاحيت رکي ٿو، ترڪيه جا سيڙپڪار ان شعبي ۾ پاڪ??تا?? ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا، ترڪيه جا سيڙپڪار اڳ ۾ پاڪ??تا?? ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪ??تا?? ۽ ترڪيه کي گڏجي ماحول دوست قدمن ۽ مضر گئسن جي اخراج ۾ گهٽتائي جي لاء?? ڪم ڪرڻو پوندو ۽ ان ڏس ۾ ٻنهي ملڪن کي انهن شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻو پوندو. هن چيو ته اها ڳالهه به خوش آئنده آهي ته ٻئي ملڪ ونڊ، سولر ۽ پاڻي سان مالامال آهن، انهن شعبن ۾ ٻئي ڀائر ملڪ تعاون ڪري سگهن ٿا جنهن سان پاڪ??تا?? ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ معنيٰ خيز بڻائي سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪ??تا?? ۽ ترڪيه ٻئي عظيم ملڪ آهن، اسان جي دل گڏ ڌڙڪي ٿي، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ وسيع تر صلاحيت موجود آهي، رجب ط??ب اردوان جي قيادت ۾ انهن لاڳاپن ۾وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته تازو ئي جڏهن پاڪ??تا?? ۾ بدترين ٻوڏ آئي ته ترڪيه هڪ ڀيرو ٻيهر فرنٽ لائين تي رهيو، انهي رات صدر رجب ط??ب اردوان مون کي فون ڪئي ۽ چيو ته ترڪيه پاڪ??تا?? جي لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته ترڪيه انساني همدردي جي بنياد تي 13 ٽرينون روانو ڪيون، 15 فوجي جهازن خوراڪ، خيما ۽ دوائون پهچايون، ترڪيه مان 6 ٽرڪ پاڪ??تا?? آيا، سنڌ ۾ رجب ط??ب اردوان سٽي جو قيام عمل ۾ آندو ويو، رڳو هڪ ڀاءُ ۽ خاندان جو هڪ شخص ائين ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته جڏهن 2010ع ۾ پنجاب ۾ ٻوڏ آئي ته رجب ط??ب اردوان پنهنجي گهرواريءَ ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني سان گڏ پاڻ پاڪ??تا?? جي ٻوڏ کان متاثر علائقن جو دورو ڪيو، نه رڳو ترڪيه جي حڪومت پر استنبول ۽ انقره جي شهرين چندو گڏ ڪيو، ترڪيه جي صدر جي گهرواريءَ پنهنجي هار جو تحفو ڏنوجيڪو هن ڀائيچاري جو عظيم مظهر هو. وزيراعظم چيو ته پاڪ??تا?? ۽ ترڪيه جا لاڳاپا منفرد نوعيت جا آهن جن کي ڪير به ڪمزور نه ٿو ڪري سگهي، ٻئي ڀائر ملڪ گڏجي ترقي ۽ خوشحالي جي منزل طرف وڃي سگهن ٿا. ترڪيه جي صدر رجب ط??ب اردوان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پنهنجي گهر اچڻ تي هو وزيراعظم جي آجيان ڪري ٿو. هن چيو ته اڄ هڪ اهم منصبي جو افتتاح ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪ??تا??ي ڀينر ڀائر سدائين ترڪيه سان گڏ رهيا آهن، ترڪيه جي عوام جي دلين ۾ پاڪ??تا?? ۽ پاڪ??تا??ين جي لاءِ خصوصي مقام آهي، پاڪ??تا?? ۾ ايندڙ ٻوڏ جي تباهي ترڪيه جي عوام کي ڏکويل ڪيو، اسان پنهنجي صلاحيت موجب پنهنجي پاڪ??تا??ي ڀينرن ڀائرن جي امداد ڪئي. رجب ط??ب اردوان چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته پاڪ??تا?? دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ مصروف رهيو آهي، اسان کي پاڪ??تا??ي ڀينرن ڀائرن جي مشڪلاتن جي چڱي ريت ڄاڻ آهي، اسان دهشتگردي جي خطرن جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، ٻئي ملڪ دهشتگردي جي خلاف متحد آهن. پاڪ??تا?? ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفي دفاعي تعاون جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ٻطرفو دفاعي تعاون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جو ٿنڀ آهي، پاڪ??تا?? ۽ ترڪيه هر قسم جي دهشتگردي ۽ دهشتگرد تنظيمن جي خلاف گڏجي ڪم ڪندا، دهشتگردي جي خلاف اسان جي زيرو ٽالرنس جي پاليسي آهي. استنبول ۾ دهشتگردي جي تازي واقعي جو ذڪر ڪندي هن چيو ته دهشتگردي جي حملن ۾ فوت ٿيندڙن کي انصاف ڏيڻ اسان جي ذميواري آهي، داعش جي خلاف اسان جنگ وڙهي آهي، اسان دهشتگردن ۽ انهن جي سرپرستن جي خلاف جنگ ۾ پرعزم آهيون. هن چيو ته ترڪيه پنهنجي سرحدن تائين مخصوص نه آهي پر پنهنجي سرحدن کان ٻاهر به پنهنجي ڀينرن ڀائرن جي مدد ڪري رهيو آهي، پاڪ بحريه جي لاءِ ملجم منصوبو انهي سلسلي جي هڪ ڪڙيءَ آهي. هن چيو ته 2002ع ۾ ترڪيه وٽ 52 دفاعي پراجيڪٽس هئا جيڪي هاڻي 700 کان وڌيڪ آهن، ان وقت 5.5 ارب ڊالر جي دفاعي پيداوار جي بجيٽ هئي جيڪا اڄ 75 ارب ڊالر آهي. هن چيو ته هن سال پاڪ??تا?? سان ٻطرفو واپار 4 ارب ڊالر کان وڌي ويندو، پاڪ??تا?? ۽ ترڪيه انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهن جيڪي جنگي جهاز ٺاهي سگهن ٿا، اسان پنهنجي پاڪ??تا?? جهڙن ڀائرن ۽ اتحادين سان گڏجي پنهنجي دفاعي صنعت کي ترقي ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته دفاعي پيداوار جي صنعت ۾ پاڪ??تا?? ۽ ترڪيه جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو، ڪارويٽ ملجم انهي سلسلي جي هڪ ڪڙيءَ آهي. هن چيو ته اسان پاڪ??تا?? سان دفاعي پيداوار سميت سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا، پاڪ??تا?? نيوي جي لاءِ ملجم منصوبو اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، ان منصوبي کي حقيقت جو روپ ڏيندڙ انجنيئرز ۽ ماهرن کي مبارڪباد ڏيان ٿو. پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل امجد خان نيازي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اها اعزاز ۽ فخر جي ڳالهه آهي ته پاڪ نيوي جي لاءِ جديد ترين جهاز جو افتتاح ٿي رهيو آهي، اهو هڪ اهم سنگ ميل آهي جنهن تي هو ترڪيه جي صدر ۽ وزيراعظم شهباز شريف کي مبارڪباد ڏي ٿو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي اعليٰ قيادت جي موجودگي سان پاڪ ترڪيه ويجهن لاڳاپن جي عڪاسي ٿي رهي آهي، پاڪ??تا?? ۽ ترڪيه جا خصوصي تاريخي لاڳاپا آهن جيڪي وقت جي آزمائش تي پورا لٿا آهن، ان جي عڪاسي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي تعاون سان به ٿي رهي آهي. هن چيو ته پاڪ??تا?? نيوي جي لاءِ چار ملجم ڪارويٽ جهازن مان ٻه استنبول نيوي شپ يارڊ ۽ ٻه ڪراچي ۾ ٺهي رهيا آهن. پي اين ايس بابر جو آگسٽ 2022ع ۾ استنبول ۾ افتتاح ٿيو جڏهن ته مئي ۾ ٻيو جهاز ڪراچي ۾ مڪمل ٿيو جنهن جي افتتاحي تقريب ۾ وزيراعظم پاڪ??تا?? ۽ ترڪيه جي دفاع واري وزير شرڪت ڪئي. هن چيو ته ملجم پراجيڪٽ نه رڳو جنگي جهاز آهي پر اهو ٽيڪنالاجي جي منتقلي جو اهم منصوبو آهي جيڪو جناح ڪلاس وار شپ جي اڳئين جنريشن جي هڪ ڪڙيءَ آهي. هن چيو ته اهو ٻنهي ملڪن جي سامونڊي فوج جي وچ ۾ پائيدار لاڳاپن جو هڪ بهترين مظهر آهي. پاڪ بحريه جي سربراهه چيو ته پاڪ??تا?? جي جاگرافيائي بيهڪ اهميت رکندڙ آهي، خطي ۾ پنهنجي سامونڊي حدن ۾ امن ۽ استحڪام اسان جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته هن منصوبي سان پاڪ بحريه جي دفاعي صلاحيتن ۾ اضافو ٿيندو جيڪو عالمي واپار ۽ معيشت جي ترقي کي پڻ يقيني بڻائيندو. دفاعي پيداوار واري وزير اسرار خان ترين پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ٻئي ملجم ڪلاس جهاز جو افتتاح خوش آئنده آهي ۽ ان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائيچاري ۽ مضبوط دفاعي تعاون جي عڪاسي ٿي رهي آهي، هي منصوبو وقت جي ضرورت آهي ۽ اهو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائيندو. ترڪيه جي دفاعي صنعت صدر اردوان جي قيادت ۾ ٻن ڏهاڪن ۾ ترقي ڪئي آهي، ترڪيه جي دفاعي پيداوار جا ڪيت??ائ?? ادارا سڄي دنيا ۾ مشهور آهن، آئيڊياز ۾ 28 ترڪيه دفاعي ڪمپنين شرڪت ڪئي. هن چيو ته اسان کي سلامتي جا چئلينجز درپيش آهن جنهن ۾ نيوي جي ذميواري تمام گهڻي وڌي وئي آهي، اسان کي يقين آهي ته ملجم جهازن جي شموليت سان قومي دفاعي صلاحيتن ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته پاڪ??تا?? ۽ ترڪيه عقيدي ۽ تهذيبي طور تي هڪ جهڙا آهن، ٻئي ملڪ ڪشمير ۽ قبرص تي هڪ ٻئي جي موقف جا حامي آهن، اسان ڪلهو ڪلهي سان ملائي دهشتگردي سميت سمورن خطرن جي خلاف بيٺل آهيون، ملجم ايڊوانس ٽيڪنالاجي ۾ اڳڀ??ائ?? ۾ سنگ ميل ٿابت ٿيندو. ان کان اڳ ترڪ صدر ۽ استنبول جي گورنر شپ يارڊ اچڻ تي وزيراعظم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. صدر اردوان وزيراعظم کي تقريب جو بيج لڳايو ۽ وزيراعظم جو ترڪ عملدارن سان تعارف ڪرايو. تقريب جي شروعات تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. واضح رهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون تي ٻڌل ملجم منصوبو پاڪ??تا?? – ترڪيه اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. ان کان اڳ پاڪ بحريه جي لاءِ پهرين ڪارويٽ پي اين ايس بابر جي لانچنگ تقريب آگسٽ 2021ع ۾ استنبول ۾ ٿي جڏهن ته ٻئي جهاز بدر جي پيڙهه جو پٿر مئي 2022ع ۾ ڪراچي ۾ رکيو ويو. وفاقي وزير مريم اورنگزيب، سيد نويد قمر ۽ محمد اسرار ترين پڻ ان موقعي تي موجود هئا.