سرينگر-27 ??ڪٽ??بر (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوجين گذريل 75 سالن ۾ 4 لک کان وڌيڪ ڪشمي??ين کي شهيد ڪيو، ڪشمير ميڊيا سروس طرفان ڪالهه 27 ??ڪٽ??بر تي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 27 ??ڪٽ??بر 1947ع کان ڀارت غير قانوني قبضي سان 35 لک کان وڌيڪ ڪشميري آزاد ڄمون ڪشمير، پاڪستان ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ هجرت تي مجبور ٿيا، رپورٽ ۾ چيو ويو ته ڀارتي فوجين جنوري 1989ع کان 27 ??ڪٽ??بر 2022ع تائين 96 هزار 140 ڪشميري شهيد ڪيا، جنهن ۾ 7 هزار 265 ڪشمي??ين کي حراست دوران وحشياڻي تشدد ۽ جعلي مقابلن ۾ شهيد ڪيو ويو. ڀارتي فوجين ان عرصي دروان هڪ لک 65 هزار 293 ڪشمي??ين کي گرفتار ڪيو، هڪ لک 10 هزار 495 گهر ڊاهي پٽ ڪيا ۽ عمارتن کي تباهه ڪيو، ڀارتي رياستي دهشتگردي جي نتيجي ۾ 22 هزار 951 عورتون ??يواهه ٿيون، جڏهن ته هڪ لک 7هزار 883 ٻار يتيم ٿيا، ڀارتي فوجين جنوري 1989ع کان هن وقت تائين 11 هزار 256 عورتن کي بي حرمتي جو نشانو بڻايو، رپورٽ ۾ سرينگر ۾ قائم هڪ ريسرچ جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ويو ته والاريل ڪشمير ۾ مقرر ڀارتي فوجين جو انگ 15 لک هڪ هزار ??ي لڳ ڀڳ آهي، ڀارتي فوج جي جوانن جو تعداد 7 لک 50 هزار، پيرا ملٽري اهلڪارن جو انگ 5 لک 35 هزار، پوليس اهلڪارن جو انگ هڪ لک 30 هزار، اپيشل پوليس آفيسرن جو انگ 35 هزار ??ڏهن ته 50 هزار وليج ڊفينس ڪميٽيون ??هن، مجموعي طور اهو تعداد 15 لک هڪ هزار ??ڻجي ٿو.