اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جو نالو فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (فيٽف) جي گري لسٽ مان نڪرڻ تي الله تعاليٰ جا ٿورا مڃيندي ۽ قوم کي مبارڪباد ڏ??ندي چيو آهي ته ??هو دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان جي عظيم قربانين جو اعتراف آهي، اسان سدائين قومي ۽ رياستي مفاد کي ترجيح ڏني، گري لسٽ مان ڇوٽڪاري جا پاڪستان جي معيشت، س??ارت ۽ سياست تي مثبت اثر پوندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ??لله تعاليٰ جو شڪر آهي ته پاڪستان کي فيٽف جي گري لسٽ مان ڇوٽڪارو مليو، پاڪستان جو سر بلند ٿيڻ تي منهنجو ڪنڌ الله تعاليٰ جي آڏو شڪر سان جهُڪيل آهي، عالمي سطح تي پاڪستان جي ساک ۽ وقار جي بحالي قوم کي مبارڪ هجي. هن چيو ته ??هشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اهو اسان جي عظيم قربانين جو اعتراف آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي دنيا تسليم ڪيو آهي. هن چيو ته فيٽف ۾ شامل ملڪن جا ٿورا مڃان ٿو ته ??نهن پاڪستان جي موقف کي تسليم ڪيو. هن چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، پرڏيهي وزارت، س??ورن لاڳاپيل عملدارن ۽ وزارتن کي مبارڪباد ڏ??ان ٿو، پاڪ فوج، ڊي جي اي?? او سميت ٻي سموري ٽيم کي مبارڪباد ڏ??ان ٿو، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي ان ڪاميابي ۾ اهم ڪردار تي ساراهيون ٿا ۽ مبارڪباد ڏ??ون ٿا. وزيراعظم چيو ته ??ڪومت جي اتحادي پارٽين ۽ قائدين جا ٿورا مڃان ٿو جن ڀرپور تعاون سان اهو ممڪن بڻايو، الحمدالله نواز شريف جي دور وانگر هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان کي فيٽف جي گري لسٽ مان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسين. هن چيو ته اي?? آر او جا الزام برداشت ڪري قومي مفاد جي خاطر مخالف ڌر ۾ ??ه اسان ان معاملي تي پورو تعاون ڪيو، اسان سدائين قومي ۽ رياستي مفاد کي ترجيح ڏني، اهو ئي سبب آهي جو الله تعاليٰ اڄ اها ڪاميابي عطا فرمائي. هن چيو ته گري لسٽ مان ڇوٽڪاري جا پاڪستان جي معيشت، س??ارت ۽ سياست تي مثبت اثر پوندا، اي??دڙ وقت ۾ ملڪ ۽ قوم جي لاءِ وڌيڪ به خوشخبريون اي??ديون.