اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترڪيه سدائين مشڪل جي گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي مدد ڪئ?? آهي، ترڪيه پ??ران موڪليل 50 ٻيڙين سان سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ڦاٿل سوين ماڻهن کي منتقل ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪ هلا?? احمر جي خيرسگالي سفير اسماعيل حقي ترنڪ ۽ پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير مهمت پيڪاسي تي ٻڌل ترڪي جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئ??. وزيراعظم مشڪل جي گهڙيءَ ۾ ترڪيه پ??ران يڪجهتي جي اظهار کي ساراهيو ۽ چيو ته 2005ع جي زلزلي ۽ 2010ع جي ٻوڏ کانپوءِ جي صورتحال وانگر تازي ٻوڏ کانپوءِ به ترڪيه پ??ڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي، ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امدادي سامان جو?? ٽرينون موڪلڻ تي صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪيه جي عوام جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته ترڪيه پ??ران امدادي ڪاررواين جي لاءِ موڪليل 50 ٻيڙين سان سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ڦاٿل سوين ماڻهن کي منتقل ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي. اسماعيل حقي ترنڪ ملڪ ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ جاني نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو ۽ ريليف جي لاءِ مڪمل مدد ۽ بحالي جي عمل ۾ مسلسل حمايت جو يقين ڏياريو. وفد جي ميمبرن وزيراعظم کي ٻڌايو ته اهي امدادي سامان ۽ خدمتن جي فراهمي ۽ نقصانن جو جائزو وٺڻ لاءِ ٻوڏ کان متاثر علائقن جو دورو ڪندا. وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرين سان يڪجهتي جي اظهار تي ترڪ هلا?? احمر جا ٿورا مڃيا.