ڪراچي -10 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چي?? آهي، ته پاڪستان ۾ تباهه ڪن ٻو?? سبب انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي، پاڪستان کي فوري طور وڏي مالي ??مد??د جي ضرورت آهي، گڏيل قومون ۽ عالمي ادارن کي مشڪل جي هن گهڙي ۾ فراخدلي سان پاڪستان جي مدد ڪرڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن ڪراچي ايئرپورٽ تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چي?? ته پاڪستان ۾ ٻو?? سبب جيڪا تباهي آئي آهي، دنيا جي ڪنهن به آفت دوران ايتري تباهي نه ڏٺي، ان صورتحال کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي. هن چي?? ته ٻو?? سبب لکين ماڻهو بي گهر ٿيا، فصلون تباهه ٿيون، چوپايو مال لڙهي ويو، ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ماڻهو پنهنجا گهر ٻار، ۽ روزگار وڃائي ويٺا آهن. اهڙي صورتحال سبب پاڪستان ۾ انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي. هن چي?? ته موسمياتي تبديلي اڄ جو وڏو مسئلو آهي. پاڪستان ٻين ملڪن جي قدمن جي قيمت چڪائي رهيو آهي. ڪاربن پکيڙڻ سبب جي-20 ملڪن جو حصو 80 سيڪڙو آهي، ترقياتي ملڪن کي موسمياتي تبديلي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي، صنعتي ملڪن کي بدترين ڪاربن جي نيڪال ڪرڻ ۾ گهٽتائي ڪرڻ گهرجي، اڄ پاڪستان موسمياتي تبديلي جو شڪار آهي ته سڀاڻي ڪو ٻيو ملڪ هوندو، جيڪڏهن فوري طور قدم نه کنيا ويا ته مستقبل ۾ تمام گهڻا خطرا هوندا. سيڪريٽري جنرل چي?? ته مشڪل جي هن گهڙي ۾ گڏيل قومون ۽ عالمي برادري کي پاڪستان جي مدد ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ??ه پاڪستان کي لکين ماڻهن جي بحا??ي لاءِ فوري طور وڏي مالي ??مد??د جي ضرورت آهي. هن چي?? ته ترقي يافته ملڪن کي سنجيدگي سان هن ڳالهه تي سوچڻو پوندو ته آفت جي هن صورت ۾ اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪهڙي طرح ڪئي وڃي. کين پاڪستان سميت ٻين اسرندڙ ملڪن کي مشڪل مالي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مدد لاءِ نئون طريقو جوڙڻ جي ضرورت آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته عالمي برادري تيزي سان پاڪستان جي مدد لاءِ اڳتي وڌندي. هن چي?? ته پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت ??مد??دي ادارن ۽ سماجي تنظيمن کي پڻ اڳتي وڌي مشڪل جي هن گهڙي ۾ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جي مدد ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري ڳالهائيندي چي?? ته ٻو?? سبب پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو هن مشڪل جي گهڙي ۾ پاڪستان جو دورو سٺو سنئوڻ آهي. هن دوري سان عالمي سطح تي پاڪستان لاءِ ??مد??دي ڪوششن ۾ عالمي برادري کي متحرڪ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن ڀرپور مصروفيتن باوجود پاڪستان جو دورو ڪرڻ تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو ٿورو مڃيو. هن چي?? ته ٻوڏ متاثرن جي بحا??ي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن.