اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف آذربائيجان جي صدر الهام حيدر عليوف سان ٽيليفون ??ي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ آذربائيجان پاران پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ فراخدلاڻي امداد تي سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب آذربائيجان پاران 2 ملين ڊالر جي امداد جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان چوماسي دوران معمول کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ برساتن جي ڪر?? شديد ترين ٻوڏ جي لپيٽ ۾ آهي، جنهن جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي جاني نقصان سان گڏوگڏ ماڻهن جي ذرائع معاش ۽ انفراسٽرڪچر کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. ان جي نتيجي ۾ متاثر ماڻهن کي امداد جي فراهمي ۽ انهن کي محفوظ جاين ت?? منتقل ڪرڻ جون ڪارروايون ??مام محدود رهيون ??هن. وزيراعظم توانائي سميت مختلف شعبن ۾ آذربائيجان سان پاڪستان جي تعاون کي وڌيڪ گهرو ۽ وسيع ڪرڻ جي پنهنجي پڪي عزم کي ورجايو. پاڪستان ۽ آذربائيجان گڏيل قومن، او آءِ سي ۽ اي سي او جهڙن عالمي فورمن ت?? هڪ ٻئي جي حمايت ڪن ٿ??. آ??ربائيجان او آءِ سي جي ڄمون ڪشمير بابت رابطا گروپ جو هڪ اهم ميمبر اهي. ٻنهي ملڪن جي عوام ديني ۽ ثقافتي وابستگي ۽ گهري تاريخي رشتن ۾ ٻڌل آهي.