اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده ??حم?? بن سلمان پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ ??اني نقصان تي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت جي هڪ ٽوئيٽ موجب شاهه سلمان بن عبدالعزيز صدر کي ٻوڏ سبب ٿيندڙ ??لمناڪ جاني نقصان تي تعزيت جو هڪ پيغام موڪليو آهي جنهن ۾ خادم الحرمين الشريفين صدر، فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين ۽ پاڪستاني عوام سان تعزيت ڪئي آهي. هن زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ??ندي چيو ته اسان آزمائش جي هن گهڙيءَ ۾ توهان سان گڏ آهيون. سعودي عرب جي ولي عهد ۽ نائب وزيراعظم شهزاده ??حم?? بن سلمان پڻ صدر کي اهڙو ئي پ??غام موڪليو آهي جنهن ۾ هن چيو ته سعودي عرب ان افسوسناڪ صورتحال ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي. سعودي ولي عهد صدر ۽ فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان پنهنجي گهري ڏک ۽ دلي همدردي جو اظهار ڪيو. هن فوت ٿيندڙن جي مغفرت جي لاءِ دعا ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.